زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ بحريا زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ”گرائونڊ بيسڊ ايئر ڊفينس سسٽم“ جي ايف اين 6 ميزائلن جي فائرنگ جو مظاهرو ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب ميزائل هوائي هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.ڪمانڊر ڪوسٽ وائس ايڊمرل راجا رب نواز تقريب جو خاص مهمان هو، ڪمانڊر ڪوسٽ گرائونڊ بيسڊ ايئر ڊفينس سسٽم جي آپريشنل تياري جي اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پاڪ بحريا دشمن جي ڪنهن به اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.

  1. باجوڙ ۾  فورسز پاران آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

باجوڙ (م ڊ) باجوڙ ۾  فورسز پاران آپريشن دوران هڪ دهشتگرد ڪمانڊر مارجي ويو، ڪي پي جي ضلعي باوجوڙ ۾ انتهائي  گهربل دهشتگردن جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز پاران آپريشن ڪيوويو، جنهن دوران دهشتگرد ڪمانڊر عرفان الله عرف عدنان مارجي ويو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مقامي ماڻهن آپريشن جي ساهراهه ڪئي ۽ فوج کي ڪامياب آپريشن تي مبارڪباد به ڏني، آءِ ايس پي آر موجب، مقامي ماڻهن دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي.

  1. بائيڊن جي شڪست جو ڊپ، مشل اوباما کي بيهارڻ جي تجويز

واشنگٽن( م ڊ) آمريڪا ۾ ٿيل تازي سروي ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏيندڙ واحد ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو نالو سامهون آيو آهي. رائٽرز ۽ اپسس پاران ڪيل سروي موجب اڳوڻي آمريڪي خاتون اول مشيل اوباما واحد ممڪن اميدوار آهي، جيڪا ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارتي چونڊن ۾ شڪست ڏئي سگهي ٿي. سروي جي نتيجن موجب اڳوڻي آمريڪي خاتون اول ڊونلڊ ٽرمپ کي 10 پوائنٽس تان شڪست ڏئي سگهي ٿي جڏهن ته ٻيو ڪوبه ممڪن ڊيموڪريٽڪ اميدوار اڳوڻي صدر کي شڪست نه ڏئي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.