ڪيلگري ( پ ر) سانا صوبن کي مالي خودمختياري ڏيڻ ۽ نئين سماجي معاھدي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اتر امريڪا ۾ رھندڙ سنڌين جي سماجي تنظيم سانا جو 40 ساليانو ڪنوينشن ڪينيڊا جي شھر ڪيلگري ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ امريڪا، ڪينيڊا، سنڌ ۽ ھند جي سنڌين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سانا جي ڪنوينشن جي پڄاڻي تي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي طرفان منظور ڪيل قراردادن ۾ پاڪستان جي خالق قومي وحدتن وچ ۾برابري قائم ڪرڻ لاءِ نئين سماجي معاھدي جو مطالبو ڪيو ويو. سانا طرفان ملڪ جي موجودا مالي وسيلن جي نظام جي نئين جوڙجڪ جو مطالبو ڪندي جنرل سيلز ٽيڪس مڪمل طور صوبن حوالي ڪرڻ سان گڏ نيشنل فئانس ڪميشن کي ختم ڪري وفاق کي صرف پنھجا ٽيڪس وصل ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. صوبين جي مالياتي خودمختيافي لاءِ لازمي آھي ته وسيلن جي ورڇ ختم ڪري ھر صوبو پنھنجا ٽيڪس پاڻ وٽ رکي. سانا سمجھي ٿي ته موجوده مالي وسيلن جي ورڇ جو سرشتو استحصالي آھي، اھو صرف سنڌ جا وسيلا ٻين صوبن، خاص ڪري پنجاب ڏانھن منتقل ڪرڻ کي يقيني بڻائي رھيو آھي جنھن جو مثال تازو ايف بي آر ڏنو آھي ته سنڌ ملڪ کي 44 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙيون ڏئي رھيو آھي جڏھن ته بدلي ۾ فقط 15 سيڪڙو کان به گھٽ وصول ڪري رھيو آھي. سنڌ جي اصلوڪن رھواسين کي گھر، زمين تي مالڪاڻا حق، ۽ روزگار ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت مٿان زور ڀريو ويو آھي ته انھن مقصدن لاءِ ساليانه 10 ارب رپيا مختص ڪيا وڃن. ڊفينس ھائوسنگ سوسائٽي کي سنڌ جي 6 ھزار ايڪڙ زمين ڏيڻ جي مخالفت ڪندي سانا سنڌ حڪومت مٿان زور ڀريو آھي ته اھڙي فيصلي جي بجاءِ زمين سنڌ جي بي زمين ھارين ۽ بيگهر ماڻھن کي ڏني وڃي. قراردادن ۾ سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي نافذ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته جيئن صوبي جي 50 لک ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي سگھجي. سانا طرفان سنڌ جي تعليم کاتي مٿان پڻ زور ڀريو ويو آھي ته سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، انگلش ۽ ميٿا ميٽڪس جي تعليمي نظام کي تعلقي سطح تي عام ڪيو وڃي، اھڙي تجويز سنڌ جي وڏي وزير جي آفيس ۾ اڳ ئي پيش ڪئي وئي آھي. ميرپور ماٿيلو ۾ قتل ڪيل صحافي نصرالله گڏاڻي جي خاندان سان ساٿ جو اظھار ڪندي سندس قاتلن جي ٽولي، ۽ ڀوتارڪي سرشتي خلاف قدم کڻڻ جي گھر ڪئي وئي آھي. سانا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ چيو ته پاڪستان جي اندر آمريتي حڪومتن ھتان جي اصولڪن ماڻھن ۽ قومن کان سندن اصل سڃاڻپ کسي مٿن نقلي ۽ ھٿ ٺوڪي سڃاڻپ مڙھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي سرڪار توڙي خانگي ميڊيا سنڌي، بلوچي، سرائڪي، پشتو توڙي پنجابي ٻولين ۾ پنھنجا پروگرام نشر نه ٿا ڪن. اھي زبانون نه صرف ھن خطي جون قديم ٻوليون آھن بلڪھ عوام جو مادري قومي ٻوليون آھن. ھن وڌيڪ چيو ته جنرل ضياءِ جي دور کان وٺي پاڪستان جي ماڻھن مٿان جھادي تنظيمن ۽ سندن تعليمي سرشتي ذريعي جبري طور مذھبي سڃاڻپ مڙھي پئي وڃي. ڪانفرنس کي اقبال ترين، انعام شيخ، ذولفقار خواجھ، سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو، اعجاز ترڪ، پروفيسر سڀاش بجلاڻي، وليد شيخ، مشتاق راڄپر، ڪينيڊا جي اصولڪن مقامي ماڻھن جي نمائندن ۽ مقامي اڳواڻن جن ۾ ذاھد ملڪ، نعمان شيخ، نواز پنھور، ۽ عطا ملاح شامل ھئا.جنرل باڊي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ سانا جي پروگرام انمول تحت 22 ھزار ڊالرس جي ماليت جا بنا وياج جي ننڊا قرض ڏنا ويا آھن. اھو پروگرام ايندڙ سال بج جاري رھندو. سانا طرفان سنڌين ۽ تنظيم جي خدمت جي مڃتا طور لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ اقبال ترين، سينيٽر جاويد لغاري، سانا جي پھرين صدر خالد ھاشماڻي، ۽ مرحوم سائين علي نواخ ميمڻ کي ڏنا ويا. جڏھن ته مڃتا ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر رئوف شيخ، نيلوفر خميساڻي، ڊاڪٽر گل محمد ڀٽي، قربان پنھور، اويس لغاري، ستار ھاليپوٽو، ڊاڪٽر ڪرتارلال پيماڻي، ڊاڪٽر اڀيمان ۽ احمر نديم ميمڻ شامل آهن، ٽن ڏينھن جي ڪنوينشن دوران محفل موسيقي ۾ سنڌ کان آيل فنڪارا انينا فدا، انڊيا کان آيل سنڌي ڳائني جتن اداسي ۽ سلمان مخدوم فن جو مظاھرو ڪيو. سانا جي ڪانفرنس ۾ پھريون ڀيرو سنڌي فيشن شو پڻ ڪيو ويو جنھن ۾ فيشن ڊزائنر پوجا موٽواڻي جا ڊزائنس نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرين پائي نمائش ڪئي. ڪنوينشن ۾ پھريون ڀيرو فلم سنڌستان جي پڻ نمائش ڪئي وئي ۽ فلم جي پروڊيوسر سپنا ڀاوناڻي پنھجي ٺاهيل فلم تي ڳالھائيندي چيو تھ سانا جي ڪنوينشن ۾ سندس فلم جي نمائش ھن لاءِ بيحد خوشي جي ڳالھه آھي، ھن چيو تھ امريڪي شھر لاس اينجلس ۾ ھن پنھجي فلم جي اسڪرينگ ڪرائڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو ھو جو اتي مسلمان سنڌين کي اچڻ نه پئي ڏنو ويو، ھن چيو ته سنڌين کي مذھبي بنيادن تي ورھائڻ واري روش قبول نه ٿي ڪري سگھجي، سانا صرف نالي ۾ سيڪيلر ناھي، اھا عملن ايئن ڪري ڏيکاري ٿي. فلم پروڊيوسر سپنا ڀاوناڻي وڌيڪ چيو ته فلم، آرٽ ۽ فن جي ذريعي اسان سنڌين کي پاڻ ۾ ڳنڊي سگھون ٿا، جيڪي نوجوان پنھجي ٻولي ۽ ثقافت ڪان پري ٿي رھيا آھن تن کي فن جي ذريعي پاڻ سان جو ڙي سگھون ٿا. ڪنوينشن ۾ عورتن، نوجوانن، سنڌ ۾ ننڊي عمر جي ھندو ڇوڪرين جي جبري طور مذھب تبديل ڪرائڻ، رسول بخش پليجو جي ڇھين ورسي جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏ شھيد نصرالله گڏاڻي جي جدوجھد بابت خاص سيشن ڪيا ويا. آخر ۾ سانا جو ايندڙ ڪنوينشن امريڪا جي شھر ھيوسٽن ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪندي جميل دائودي کي ڪنوينشن جو منتظم مقرر ڪيو ويو.
SANA SINDH USA