ڪراچي (رپورٽ :آزاد مهر/ جاني سومرو) عوامي آواز جي رپورٽر شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان ھزارين ماڻھن جو پيادل مارچ ڪري وزير اعلي سنڌ هائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ شريڪ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا فوٽن وارا بينر کڻي ”سردار مائي فٽ“ ۽ ڀوتار مائي فٽ جا نعرا هنيا ويا، پوليس پي آئي ڊي سي روڊ تي ڪنٽينر ذريعي رستا بند ڪري ڇڏيا. احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي چيو ته پوليس 3 قاتل گرفتار ڪيا پر ظاھر ھڪ قاتل کي گرفتار ڪيو ويو 2 لڪائي ڇڏيا آھن، پيپلزپارٽي منھنجي پٽ جي قاتلن کي بچائي رهي آهي ۽ جيڪي مُونکي ڪمزور سمجھن ٿا انھن کي ٻڌائڻ چاھيان ٿي ته اسان جي ست ئي پيڙهيون نصرالله جي خون سان انصاف تائين وڙھندي رھنديون، سنڌ جي باشعور ماڻھن کي عرض آھي ته منھنجو ساٿ ڏين قاتلن کي ڪيفر ڪردار پهچائڻ تائين ساٿ ڏيو،ان موقعي تي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ امان پٺاڻي سان ملاقات ڪري چيو ته جيڪڏهن نصرالله گڏاڻي جي قاتل گرفتار نه ٿيا ته سڄي سنڌ ۾ امان جندو وانگر امڙ پٺاڻي به جدوجهد ڪندي ۽ سنڌ جي باشعور عوام امان پٺاڻي سان گڏ هوندي. ان موقعي تي عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ امان جي مٿي تي هٿ رکي کيس ٻڌايو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ قاتلن جي گرفتاري لاءِ امان پٺاڻي سان گڏ آهي. ڌرڻي ۾ سڄي سنڌ مان آيل صحافين، سوشل ورڪر، وڪيل اڳواڻن سياسي، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ صنعان قريشي، نياز ڪالاڻي، الاهي بخش بڪڪ، سينيئر صحافي نعمت کهڙو، غازي جهنڊير، اسد پتافي، آزاد مهر، سلطان رند، نصرالله جمالي پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي جو اڳواڻ لياقت جلباڻي، سهڻي پارس ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سنڌ امان پٺاڻي سان گڏ آهي، شهيد جا قاتل سردار پڪڙيا وڃن: صنعان قريشي
ڪراچي: جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ اميرن ۽ غريبن لاءِ الڳ الڳ قانون آھي، شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ اڄ مک قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪراچيءَ جي روڊن تي آھي سڄي سنڌ امان پٺاڻي سان گڏ آھي ۽ ھوندي، شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث سردارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ محمد حسين محنتي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي آواز سنڌ جي نمائندگي ڪري رهي آهي عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي ھميشه عوام جو آواز اٿاريندو رهندو ھو، سرداري نظام خلاف آواز اٿاريو، ، شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ظالمن سان بيھي ڪري مقابلو ڪندو ھو، افسوس ٿي رھيو آھي ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل ظاھر ٿيڻ بعد به سنڌ حڪومت قاتلن کي گرفتار نه ٿي ڪري، اڄ پوري سنڌ جا باشعور ماڻھو شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي جي سڏ تي ڪراچي پهتا آھن. جسقم ڪراچي جي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ھميشه حق سچ لاءِ جدوجھد ڪئي، جنھن جي ڪري سردارن پنھنجي مافيا ذريعي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪرايو، اڄ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي جي قافلي اسين شامل آھيون، عوامي آواز ھميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي. سورٺ لوھار عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي بيگناھ قتل ڪيو ويو،، ھن مھل تائين شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا مک قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آھن، اسان جو مطالبو آھي ته جيڪي اصل قاتل لنڊ سردار آھن اُنھن کي گرفتار ڪري شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، نصرالله گڏاڻي نه صرف ميرپور ماٿيلو جو آواز ھو پر سموري سنڌ جو آواز ھو.
سموري سنڌ امڙ پٺاڻي سان گڏ آھي: ام رباب
ڪراچي: ام ارباب عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ سموري سنڌ امڙ پٺاڻي سان گڏ آھي، سرداري نظام اسان نه ٿا مڃيون، اسان سردارن کي جوتي نوڪ تي رکون ٿا، اسان کي آزادي آھي پنھنجي زندگيءَ پنھنجي مرضيءَ مطابق گذاريو ڪنھن به سردار کي ڪو حق ناھي ته ھو اسان جي زندگين ۾ مداخلت ڪري، اڄ مان شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي ۽ سندس گھر ڀاتين سان اظھار يڪجهتي طور شرڪت ڪئي آھي، پوري سنڌ جو شعور رکندڙ ماڻھو امان پٺاڻي سان گڏ آھن اسان ھر قدم تي امان پٺاڻي سان گڏ آھيون.
نصرالله گڏاڻي شھيد ٿيڻ کانپوءِ به سنڌ جي عوام کي شعور ڏنو: بئريسٽر اختر جبار
ڪراچي: بئريسٽر اختر حسين جبار عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي بيباڪ صحافي ھمدردي ھڏ ڏوکي انسان ھو، شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي شھيد ٿيڻ کانپوءِ به سنڌ جي عوام کي شعور ڏنو، اسان شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ ۽ سندس ٻارڙن سان ھر وقت گڏ آھيون جيستائين قاتلن کي سزا نه ٿي ملي.
عوامي آواز ميڊيا گروپ امان پٺاڻي سان گڏ آهي: ڊاڪٽر جباز خٽڪ
ڪراچي: ان موقعي تي عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ امان جي مٿي تي هٿ رکي کيس ٻڌايو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ قاتلن جي گرفتاري لاءِ امان پٺاڻي سان گڏ آهي.
گهرو سيڪريٽري سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد سعيد غني پهتو
ڪراچي: امان پٺاڻي جي اڳواڻي ۾ رٿيل ڌرڻي ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ گھرو کاتي جو سيڪريٽري سعيد شيخ پھتو پر ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿيون، جنهن بعد عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ سعيد غني سان رابطو ڪيو ته صوبائي وزير سعيد غني ڌرڻي ۾ شرڪت ته امڙ پٺاڻي مطالبو ڪيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث ٻه روپوش جوابدار فوري گرفتار ڪيو وڃي، شهباز لنڊ جي ميونسپل چيئرمين شپ ختم ڪئي وڃي ۽ خالد لنڊ جي پيپلز پارٽي مان ميمبرشپ ختم ڪري ايم اين اي جي سيٽ واپس ورتي، جي آئي ٽي وارثن جي مرضي مطابق جوڙي ان ۾ ساک رکندڙ آفيسر شامل ڪريو جيڪي نالا وارث ڏيندا، ايسايس پي سمير نور چنا کي معطل ڪرڻ واري مطالبو ڪيو ويو ۽ امڙ پٺاڻي سعيد غني کي چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اڄ 4:00 وڳي تائين ٻيهر سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو ڏنو ويندو.
صحافي مظلوم عوام جو آواز هوندو آهي، اڃا تائين انصاف ناهي مليو: ايڊووڪيٽ خليل شاهه
ڪراچي: ڌرڻي ۾ شريڪ وڪيل اڳواڻ خليل شاهه عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي افسوس آهي ته سنڌ جي وڏي ميڊيا گروپ جي رپورٽر کي قتل ڪيو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته صحافي مظلوم عوام جو آواز هوندو آهي جنهن کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ اڃا تائين انصاف ناهي مليو.
هر معاملي ۾ ڪراچي پريس ڪلب شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ سان گڏ هوندي: شعيب احمد/شمس ڪيريو
ڪراچي: ڪراچي پريس ڪلب سيڪريٽري جنرل شعيب احمد ۽ سينيئر صحافي شمس ڪيريو شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي ۽ سندس گھر ڀاتين سان اظھار ھمدردي ۽ يڪجهتي جو اظھار ڪندي چيو ته هر معاملي ۾ ڪراچي پريس ڪلب شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ سان گڏ هوندي.
ڪراچي پريس ڪلب پاران شهيد جي وارثن سان ايڪتا
ڪراچي: ڪراچي پريس ڪلب سيڪريٽري جنرل شعيب احمد ۽ سينيئر صحافي شمس ڪيريو شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي ۽ سندس گھر ڀاتين سان اظھار ھمدردي ۽ يڪجهتي جو اظھار ڪندي چيو ته هر معاملي ۾ ڪراچي پريس ڪلب شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ سان گڏ هوندي.