ايم ڪيو ايم جي سياست جنازن کانسواءِ ڇا ڏنو آهي: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (رپورٽر) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي خالد مقبول صديقي کي ايم ڪيو ايم جو ”نقلي قائد“ قرار ڏئي ڇڏيو. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولا بخش چانڊيي چيو ته خالد مقبول صديقي پنهنجي گفتگو ۾ ڀٽو صاحب ۽ بي بي صاحبه کي آندو، وڏي وقت کانپوءِ سنڌ ۾ پراڻا زخم ڀرجڻ جي فضا ٺهڻ لڳي آهي. هن چيو ته خالد مقبول جي لهجي ۾ سختي آهي ته جڏهن به ڳالهائيندس باهه لڳائيندس، ايم ڪيو ايم جي سياست اردو ڳالهائيندڙن کي جنازن کانسواءِ ڇا ڏنو آهي؟ سندس چوڻ هو ته هر حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم وارا وزارتون وٺندا آهن، اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ شعور رکن ٿا، هو توهان کي ڄاڻين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.