ڪراچي ۾ نالي مان مليل ماءُ ۽ ٻن ٻارڙن سان زيادتي جي تصديق

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي ماڙي پور واري علائقي ۾ نالي مان عورت ۽ ٻن ٻارڙن جي لاش ملڻ واري واقعي بعد پوليس جاچ شروع ڪري ڏني، پوليس موجب، پوسٽ مارٽم ۾ ٻارڙن سان زيادتي جي تصديق ٿي آهي، مقتولا  خاتون ۽ ٻارڙن جي جسم جا نمونا ڪيميڪل ايگزامينيشن لاءِ اماڻيا ويا آهن، پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ۾ عورت سان به زيادتي جون شاهديون مليون آهن، پر رپورٽ اچڻ بعد تصديق ٿيندي، واقعي جي ايف آءِ آر مقتولا جي مڙس جي فرياد تي ماڙي پور ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي آهي، ايف آءِ آر جي متن موجب، مارجي ويل گذريل هفتي کان لاپتا هئا، ڪيس جي فريادي ٻڌايو ته 28 جون تي دڪان مان واپس گهر پهتو ته گهرواري ۽ ٻارڙا موجود نه هئا، گهرڀاتين ٻڌايو ته گهرواري ٻارڙي کي دم دعا ڪرائڻ لاءِ وئي آهي، جنهن بعد هاڻ گهرڀاتين جا لاش مليا آهن. هوڏانهن پوليس اختيارين معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، ايس ايس پي جي سبراهي ۾ 8 رڪني جاچ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، مارجي ويلن ۾ 25 ورهين جي رقيه، 6 سالن جي فاطمه ۽ ٻن سالن جو عدنان شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.