ڌرڻي جو هڪ ئي مقصد هوندو، وزيراعظم عوام کي رليف ڏي:حافظ نعيم

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسلام آباد لڳندڙ ڌرڻي جو هڪ ئي مقصد هوندو ته  وزيراعظم عوام کي رليف فراهم ڪري،  امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان 12 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.منصوره لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته شهباز شريف قوم کي رليف ڏئي ان کان اڳ جو قوم اٿي بيهي ۽ پوءِ واپس ورڻ جو  رستو ئي نه بچي، هن 12 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪندي چيو ته ڌرڻي جو هڪ ئي شرط آهي ته عوام وڳوڙ ۽ تشدد نٿي چاهي، هن چيو ته جيڪڏهن اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو ته اسان وٽ پلان بي ۽ سي موجود آهي، اسان ڪنهن به سياسي پارٽي سان اتحاد نه ڪيو آهي، پر صرف عوام سان اتحاد ڪيو آهي ۽ انهن سان ئي گڏجي ڪري ڌرڻو ڏينداسين،  اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه يا گولي لاءِ نه پر پنهنجو حق وٺڻ وڃي رهيان آهيون. امير جماعت اسلامي چيو ته هو چئي رهيا آهن ته آءِ ايم ايف راضي ناهي ٿيو، هنن گيس، بجلي، پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي آهي، هاڻي اهو سلسلو بند نه ٿيندو،هن چيو ته کنڊ ۽ دال تي ٽيڪس لڳائي وزيراعظم چئي رهيو آهي ته مهانگائي گهٽ ٿي آهي، هي اسان جو ملڪ آهي، فوج ۽ بيوروڪريسي عوام سان آهي، اسان کي ڪنهن به امپائر جي آڱر ناهي کڻائڻي، اسان عوام جا حق وٺڻ وڃي رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.