نان فائلرن جون ٻن لکن کان وڌيڪ سمون بند

اسلام آباد(م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران نان فائلرز جون سمز بلاڪ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ذريعن موجب هن وقت تائين  نان فائلرز جون 2 لک 10 هزار موبائيل سمون بلاڪ ڪيون ويون آهن جڏهن ته ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ تي 61 هزار 996 سمن کي بحال ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته روزاني جي بنياد تي 5 هزار موبائل سمن جو ڊيٽا ٽيلي ڪام ڪمپنين کي موڪليو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مجموعي طور تي 5 لک 6 هزار 671 نان فائلز بلاڪ ڪيون وينديون. ياد رهي ته تازو ئي ايف بي آر 6 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون موبائل سم بلاڪ ڪرڻ جو انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر جاري ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.