ڳالهيون ناڪام، پيٽروليم ڊيلرن سڀاڻي هڙتال جي سڏ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ 5 جولاءِ تي صبح 6 وڳي کان بند رهندا. هڙتال علامتي ٿي سگهي ٿي.هن چيو ته هن اسلام آباد ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، چيئرمين ايف بي آر ملڪ امجد زبير ٽوانا ۽ چيئرمين اوگرا مسرور خان سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ اسان اعتراض ڪيو ته ڊبل ٽيڪسيشن قبول ناهي.عبدالسميع خان چيو ته اجلاس بي نتيجا رهيو آهي، جنهن ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پمپس بندد رکيا ويندا، ٻيڻو ٽيڪس قبول نه ڪيو ويندو. ڊيلرز کي 4 جولاءِ تائين پيٽرول پمپن تي اسٽاڪ رکڻ لاءِ چيو ويو آهي.پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جي چيئرمين چيو ته سڄي ملڪ ۾ سڀاڻي رات کان پمپس بند ٿيڻ شروع ٿي ويندا. هن چيو ته جيستائين حڪومت 0.5 سيڪڙو ٽيڪس جو فيصلو واپس نه وٺندي تيستائين ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن ۾ پيٽرول ڀرائي ڇڏن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.