ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيل بي لغام ٿي ويا، ڏوهارين رياست سان جنگ شروع ڪري ڏني، پوليس ٿاڻي دراني مھر جي حد ۾ دڌر پوليس چوڪي تي صبح سوير نماز جي وقت ڏوھارين جي ٽولي 10 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، ڊيوٽي تي موجود اھلڪار الله ڏنو سبزوئي ۽ نثار ڪلھوڙو نماز پڙھندي گوليون لڳڻ ڪري موقعي تي شھيد ٿي ويا، چوڪي تي موجود پوليس اھلڪار اي ايس آءِ انوي چنو، زاھد نصيراڻي به زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع تي وڌيڪ پوليس نفري پھچي ڪري جوابي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ پوليس موجب ھڪ ڏوھاري به مارجي ويوآهي. ايس ايس پي بشير احمد بروھي جي ھدايت تي ضلعي جي مختلف ٿاڻين مان وڌيڪ پوليس نفري به گھرائي وئي، زخمين ۽ شھيدن جا مڙهه فوري اسپتال آندا ويا، شهيد اهلڪارن جي مڙهه کي پوليس ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽر آندو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي سي امير فضل اويسي، ايس ايس پي بشير بروھي، ڪرنل رينجرز، صحافي برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شھيدن کي سلامي بعد مڙھ گھرن ڏي روانا ڪيا ويا، الله ڏنو سبزوئي ڪنڌ ڪوٽ واسي ھو جڏھن ته نثار احمد ڪلھوڙو نوشيروفيروز واسي ھو، پوليس ترجمان موجب حملي بعد جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڏوھاري نظير عرف موالي ڀيو طور سڃاڻپ ٿي آهي، جنهن مٿان 25 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن ٻھ کان وڌيڪ ڏوھاري زخمي ٿيا آهن ڏوھاري جو لاش ساٿي کڻي فرار ٿي ويا آھن.