اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس گل حسن اورنگزيب گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن کي ڪارروائي نه ڪرڻي هئي ته پوءِ پروڊڪشن آرڊر ڇو جاري ڪيا پيا وڃن.اربع ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس گل حسن اورنگزيب 20 سالن کان گم ٿيل شهري عتيق الرحمان جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.حاجره بي بي پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي پروڊڪشن آرڊر تي عملدرآمد جو حڪم ڏنو وڃي.ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪميشن عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي ڪهڙي قسم جو ڪميشن آهي؟ جنهن تي ڪميشن عملدارن چيو ته اهو ڪيس 2007 کان سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي. جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ جنهن تي ڪميشن جي عملدارن جواب ڏنو ته توهين عدالت هڪ فرد خلاف آهي نه ڪنهن اداري خلاف آهي. عدالت ڪميشن عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته توهان حڪم تي ڪيئن عمل ڪرائيندا آيو؟ جنهن تي وڪيل ايمان مزاري چيو ته هن 7 سيڪڙو پروڊڪشن آرڊر تي عمل ڪرايو آهي. جسٽس حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن ڪارروائي نه ٿي ته ڪميشن ٻيهر پروڊڪشن آرڊر ڇو جاري ڪيا؟ جنهن تي رجسٽرار ڪميشن چيو ته ڪميشن 10500 مان 7500 ڪيس اڪلايا آهن.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته ڪميشن ٺهڻ کان پوءِ ڪيترا ڪيس اڪلايا ويا آهن؟ جنهن تي وڪيل ايمان مزاري چيو ته جيڪڏهن گم ٿيل شخص جو لاش ملي ٿو ته ڪميشن ڪيس کي حل ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿي.هن چيو ته ڪميشن جو چوڻ آهي ته هن شخص کي ايجنسين کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جسٽس حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته اهي چون ٿا ته حد کان ٻاهر نه ٿا وڃون، پوءِ عدالت ڇا ڪري؟، هن چيو ته پوءِ جيڪڏهن توهان انصاف جي عالمي عدالت ۾ ويندا ته ڇا ٿيندو؟ انهن وٽ وڃو ۽ کين ٻڌايو ته هي اهو ملڪ آهي جتي ماڻهو غائب ٿي رهيا آهن.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته حڪومت جو موقف ڇا آهي ته جنهن کي اسين کڻون ٿا ٻيهر انهن کي کڻنداسين ۽ جيڪو مري ٿو اهو ڀلي مري اسان ائين ڪندا رهنداسين.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهو گم ٿي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ هتي ڪير ايندو؟ توهان اميد ڪري رهيا آهيو ته ڊالر 280 کان هيٺ اچي ويندو، اهو ڪيئن ايندو جڏهن هتي اهو ٿي رهيو آهي.عدالت جو چوڻ آهي ته ڪميشن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ پروڊڪشن آرڊر تي عملدرآمد جو اختيار ناهي. ڪميشن ۾ اهڙا ماڻهو هجڻ گهرجن جيڪي پاڪستان کي بدنامي کان بچائين. جڏهن جج قانون موجب ڪم ڪن ٿا ته اسان جي خلاف ٿي وڃن ٿا ته توهان ڪيئن قانون موجب ڪم ڪيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ اٽارني جنرل کي مدد لاءِ طلب ڪندي چيو آهي ته عدالت ان حوالي سان تفصيلي حڪم جاري ڪندي.