ڪنڌڪوٽ ۾ساوند سندراڻي تڪرار دوران ملڪ برادري جي ٽن خونن جو نبيرو

ڪنڌڪوٽ ( ن ع آ) ڇهھ مھينا اڳ صوفي انور شاھه جي ميلي ڪنڌ ڪوٽ واسي ويا ته ڳوٺ ڄام مسڪان ساوند ميرپور ماٿيلو ۾ اوطاق تي سندراڻي ھٿياربندن حملو ڪيو ھو جنھن ۾ ڪنڌ ڪوٽ واسي ملڪ برادري جي پوليس جمعدار شير علي ملڪ،  پٽ نصيب الله ملڪ  ۽ مائٽ علي رضا ملڪ به قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جنهن جو نبيرو ملڪ ھائوس تي ايم پي اي چيف سردار مير عابد خان سندراڻي، سردار لياقت علي خان ملڪ ، سردار خان سندراڻي جي سرپرستي ۾ ٿيو، جنهن ۾ في خون جو عيوضو 20 لک زخمي جا ڏھه لک ڏھه لک ڏنڊ ۽ 30 لک رپيا خرچ رکيو ويو ۽ مجموعي طور ھڪ ڪروڙ 20 لک رپيا سندراڻي برادري تي ڏنڊ رکيو ويو، جنهن ۾ ڏهھ لک روپيا موقعي تي ادا ڪري باقي قسطن ۾ رقم ادا ڪئي ويندي،  جنهن بعد ڌريون کيرکنڊ  ٿي ويون،  ساوند سندراڻي جو ڪارنھن معاملي کان شروع ٿيل خوني تڪرار جي ٺاھ لاءِ سردار علي گوھر مھر جي گوھر پيلس ۾ چار جولاءِ تي وڏي بيٺڪ ٿيندي ٻنھي ڌرين جي تڪرار سبب ڪنڌ ڪوٽ ۽ گھوٽڪي ضلعي جي تباھه ٿيل رونقون بحال ٿينديون .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.