ڪراچي ۾ پڪنڪ تي ويندڙن جي ڪوسٽر ڪلٽي،هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڄڻا فوت

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي ماڙي پور ڀرسان تيز رفتاري سبب تفريح لاءِ ويندڙ ڪوسٽر اونڌي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب ڪوسٽر اونڌي ٿيڻ جو واقعو ماڙي پور ٽرڪ اڏي ڀرسان پيش آيو، حادثي ۾ 4 ٻار ۽ ٻن  عورتن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس موجب بس کي حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. حادثي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو تفريح لاءِ وڃي رهيا هئا. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو آهي ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فوت ٿي ويلن ۾ 3 عورتون ۽ 4 ٻار به شامل آهن جن جي سڃاڻپ 40 ورهين جي صغرا زال غلام علي، 45 ورھين جي شازيا زال احمد عمير، 6 سالن جي سڪينا ڌي منظور عالم، 4 سالن جي زينت ڌي حيات عمير , 10 سالن جي ڪنزا ڌي احمد عمير، 14 ورهين جو قدير ولد عبدالجبار سميت ھڪ نامعلوم, جڏهن ته زخمين ۾ اظھر،  بشري،صادق، مدثر،  زينب، شبير ۽ 45 ورهين جي سعديه زال احمد شامل آهن. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.