اوڏيرولال ( ن ع آ ) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڪجهھ ڏينهن اڳ سيکاٽ ٿاڻي جي حد مان اوڏيرولال اسٽيشن جي واپاري ديوان نريش ڪمار جي اغوا ٿيڻ بعد اڃان تائين سندس بازيابي ڳجهارت بڻيل آهي، جنهن بعد اقليتي معاملن واري اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ پ ايم پي اي گيانچند ايسراڻي اغوا ٿيل هندو واپاري نريش ڪمار جي وارثن ديوان ليکراج، ديوان ٽيڪا مل ۽ ديوان پريم چند سان ملاقات ڪري سموري صورتحال بابت آگاهي ورتي. ان موقعي تي ايم پي اي گيانچند ايسراڻي خاطري ڏياريندي چيو ته نريش ڪمار جي بازيابي لاءِ ڪوششون هلندڙ آهن. هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، گهرو وزير، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي مٽياري سان مسلسل رابطي ۾ آهيون اميد آهي ته جلد نريش ڪمار کي بازياب ڪرايو ويندو.