ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سچل ٿاڻي جي حد اسپارڪو روڊ تي مددگار سچل پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. ايس ايس پي اوڀر ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ مطابق جوابدار موٽرسائيڪل تي سوار شھري کان ان جي موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھئا ته گشت تي مقرر پوليس موقعي تي پهچي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ٻنھي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ بعد جوابدار کان موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، زخمي جوابدار جي سڃاڻپ محمد تنوير ولد خان محمد طور ٿي آهي. ايس ايس پي ضلع اوڀر گرفتار جوابدار جي قبضي مان غير قانوني پستول، گوليون ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي. زخمي جوابدار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ضلعي اوڀر پوليس ڪاروائي ڪري رهي آهي، جوابدار جي فرار ٿيل ساٿي جي ڳولا جاري آهي، جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي.