ڪراچي ۾ پريميم نمبر پليٽن جي نيلامي،1 نمبر پليٽ10 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو

ڪراچي ( رپورٽر)  ايڪسائيز کاتي سنڌ پاران نمبر پليٽن جي نيلامي ڪئي وئي جنهن ۾ 40 نمبر پليٽن جي نيلامي مان 67 ڪروڙ 54  لک رپيا گڏ ڪيا ويا، سنڌ ايڪسائيز کاتي موجب، پريميئم نمبر پليٽ 1 10 ڪروڙ رپين، نمبر 5 پنج ڪروڙ 30 لک رپين ۾ نيلام ٿيا، جڏهن ته 7 نمبر پليٽ 4 ڪروڙ 60 لک رپيا۾ نيلام ڪيو ويو . پليٽ نمبر 8 چار ڪروڙ 10 لک رپين ۾ نيلام ٿيو، جڏهن ته پليٽ نمبر 9 4 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم سان ٻوڏ متاثرن لاءِ 2251 گهر تعمير ڪيا ويندا ، شرجيل ميمڻ چيو ته پريميئم نمبر پليٽن جي نيلامي جو ٻيو مرحلو تمام جلد شروع ڪيو ويندو، ايندڙ نيلامي ۾ وڌيڪ وسيلا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي ته جيئن تعميراتي ڪوششن کي وڌيڪ هٿي وٺرائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.