ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪراچي جي علائقي ماڙي پور ۾ بس حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، گورنر سنڌ مرحومين جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي، گورنر سنڌ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي، سنڌ جي گورنر بس حادثي بابت ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،گورنر سنڌ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.