انگريزن سنڌو جي پاڻي کي ڪارائتي نموني استعمال ڪرڻ لاءِ 1923ع ۾ سکر بئراج جي رٿا تي ڪم شروع ڪيو ۽ اها رٿا 9 سالن ۾ مڪمل ٿي وئي. ان جي تعمير لاءِ پٿر ڪنڌرا لڳ پهاڙن جي ڪٽائي ڪري حاصل ڪيو ويو. انگريز انجنئيرن جي نگراني هيٺ ايشيا جي ان زرعي منصوبي کي 1932ع ۾ مڪمل ڪري ان جو افتتاح ڪيو ويو. هن جو نالو لائيڊ برج رکيو ويو جيڪو پاڪستان ٺهڻ بعد سکر بئراج جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هن مان ست واھ ڪڍيا ويا. جن مان ڪن جي ڊيگهه هزارين ميل آهي ٽي ساڄي پاسي ۽ چار واھ کاٻي پاسي کوٽايا ويا.
اهڙي ريت سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين کي زراعت جي قابل بڻائڻ لاءِ بئراج مان ڪڍيل ستن ئي واهن مان زرعي پاڻيءَ سان مختلف فصلن جي پوکي جو ڪم شروع ٿي ويو. هڪ واهه کير ٿر ڪئنال بلوچستان جي زمين جي ضرورتن لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. پاڪستان ٺهڻ بعد کاٻي پاسي جي واهن مان نارا ڪئنال ۽ روهڙي ڪئنال جي ڊيگهه حيدرآباد ۽ ٿر تائين آهي پر بدقسمتي اها آهي جو وقت گذرڻ سان انهن واهن جي درست طريقي سان کاٽي نه ڪئي وئي ۽ نتيجي ۾ انهن جي ڪمانڊ ايريا واري زمين ۾ پاڻيءَ جو رسڻ مشڪل ٿي پيو. مٿان سياسي مداخلت ڪندڙن طرفان زرعي پاڻي مٿان ڌاڙا لڳايا ويا. جنهن سبب اڃان تائين پڇڙي جا آبادگار پاڻي جي اڻاٺ لاءِ دانهون ڪندا رهن ٿا.
سنڌ لڙهي وئي ڪجھه ه نه ٿيو، بئراج جا دروازا لڙهي ويا ته ڇا ٿيندو، برساتن ۽ ٻوڏ ۾ قوم جو سڀ ڪجھه لڙهي ويو، قوم جي انا، خوداري لڙهي وئي آهي، قوم جو شعور آواز به لڙهي ويو آهي، هن سماج ۾ انسان جون خواهشون مستقبل لڙهي ويو آهي پر بس افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، بدقسمتيءَ سان اسان هڪ بئراج جي مالڪي ڪندي حفاظت نٿا ڪري سگهون، ڌرتي جي ڪهڙي حفاظت ۽ مالڪي ڪنداسين،
ٿرڊ ڪلاس ڪمپني کي بئراج جي مرمت جو ٺيڪو ڏنو ويو، بئراج جا گيٽ تبديل ڪرڻ لاءِ وقت موسم به نه ڏٺي وئي، ٻوڏ اچڻ واري آهي، ان صورت ۾ گيٽ تبديل ڪيئن ڪري سگهجن ٿا، بدقسمتي سان گذريل ڏهاڪن کان بئراج جي گيٽن جي سار سنڀال، گريس، مرمت نه ڪئي وئي، نه وري خيال ڪيو ويو، صرف پئسن تي ڌاڙا لڳايا ويا.
سکر بئراج جي وقت سر مرمت ۽ حقيقي سارسنڀال نه ٿيڻ ڪري بئراج جي حالت خراب ٿي وئي آهي . 1980 واري ڏهاڪي کان ٻڌندا اچون پيا ته بئراج کي سخت خطرو آهي. 90 واري ڏهاڪي ۾ پڻ آهي ڳالهيون ھليون ته سکر بئراج جي اسٽريڪچر کي خطرو آهي.
بئراج تان هيوي ٽريفڪ بند ڪئي وئي. جنهن جو گهڻو بار نئين جوڙيل پل تي اچي پيو. بئراج جي گيٽن جن مان ڪجھه ه گيٽن جي ڪافي وقت کان سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري اهي بند ئي ويا آهي گيٽ مٿي کڄي نه پيا سگهن. جڏهن ته گيٽن جي ضروري مرمت جي ڪمن لاءِ جڳاڙي ڪم ڪرايا ويا. جنهن ۾ من پسند ٺيڪيدار ڪمپنيءَ کي ٺيڪو ڏئي سکر بئراج جو هٿ سان منهن ڪارو ڪرايو ويو. جنهن جي ڪري رڳو هڪ لک ڪيوسڪ پاڻيءَ تي ئي بئراج جا گيٽ لڙهڻ جو خدشو رهيو ۽ ايئن تازو ٿيو به. جنهن بئراج تان پ پ جي پهرين سرڪار واري دور۾ 1973۽ 1976 جي ٻوڏن ۾ 13 لک ڪيوسڪ پاڻي بئراج مان ڪراس ڪري ويو آهي پر هن وقت هڪ لک ڪيوسڪ ئي گيٽن لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيو پئي.
گيٽن جي مرمت تي ساليانو ارب ئي روپين جا بل پاس ٿيا. واهن ۽ بندن جي ڪمزور ڪپرن جي مرمت لاءِ اربين روپيا ساليانو فنڊ رليز ڪيو ويو. اهي ڪٿي خرچ ٿيا؟ ڪا خبر ناهي ڪو چيڪ بيلنس ناهي. مٿان ورلڊ بئنڪ طرفان ملندڙ ان عالمي ورثي سکر بئراج جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ رقمون خرچ ڏيکاريون ويون بر آهي رقمون ڪاڏي ويون يا اڃان وڃن پيون.
آبپاشي کاتي کي سوني جي جهرڪي سمجهندڙ ڪامورن جو ڪير به گهيراءُ يا ان کان پڇاڻو ڪرڻ گوارا نٿو ڪري. سئو سيڪڙو ڪرپشن ۽ سرڪاري خزاني جي ڦرلٽ سبب بئراج جي وجود کي ڪيترائي خطرا لاحق ٿي پيا آهن. سکر بئراج جي مڪمل باڊي پنهنجي مدت پوري ٿيڻ ڪري، خطري هيٺ آهي. ان جي سنڀال ۾ ڪوتاهي ڪندڙ سرڪار چوي ٿي ته اسان عوام لاءِ هرقسم جي سهولت ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا. پهريان بئراج جي چٻا ٿيل ۽ وقت سر گريس نه ملندڙ گيٽن جي معياري مرمت تي سچائي سان ڌيان ته ڏيو پوءِ عوام جي فلاح ۽ بهبود جون ڳالھيون ڪجو. سنڌ ۾ جيڪو غصو سکر جي 47 نمبر گيٽ جي لڙهي وڃڻ جي خبر تي ڏٺو ويو آهي. ان ۾ ثابت ٿئي ٿو ته عوام سجاڳ آهي پر وس وارا ڪامورا ۽ ذميوار وزير ڪرپشن جي دلدل ۾ پوري ريت پوريل نظر اچن پيا. عوام جي ٽيڪس جو پئسو ڪٿي ۽ ڪهڙي ريت خرچ ٿئي ٿو ڪا خبر ناهي. بس رڳو ڪجھه ه ڪامورا وزير جي اڳيون پويان ٿي ڪري ميڊيا تي اچي پاڻ کي نيڪوڪار ظاهر ڪري فوٽو سيشن ڪرائي بئراج جي گيٽن جي مرمتي ڪمن مٿان اعتماد ڏيکارين ٿا ۽ سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ ڳائيندا رهڻ ٿا. اهو الميو آهي سونهاري سنڌ جو جيڪا پنج هزار سالن کان مهذب قوم جي روپ ۾ رهندي آئي آهي.
سکر بئراج سنڌ جي زراعت ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيٽيت رکي ٿي . جڏهن به ان تي برو وقت آيو آهي. پرڏيهي ماهرن کان ان جي بچاءَ لاءِ سروي ڪري رپورٽون تيار ٿينديون رهيون آهن پر افسوس ته اهو آهي ته ان جي مڪمل بحالي يا سارسنڀال جي ذميواري موجوده سرڪار جي ڪامورن ۽ واسطيدار وزير جي آهي پر ٿئي ڇا ٿو جو انهيءَ بئراج جي سائنو مينٽيننس لاءِ وڏي ڳري رقمون رکيون وڃن ٿيون پر عملي طور رقمون ان تي خرچ نٿيون ٿين. کاٽيءَ جي سيزن ۾ پڻ نالي ماتر بئراج لڳو لڳ ٺيڪي تي ڪجھه واهن ۾ ٽريڪٽر لاهي ڪاغذن کي ڀريو وڃي ٿو سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ سائي ڀاڄين جي پوکي لاءِ زمين ڪجھه وقت ٺيڪي لاءِ ڏني ويندي آهي.
سکر بئراج جيڪا اسان جي تاريخي ۽ ثقافتي طور نهايت اهميت لائق آهي. ان جي معياري يعني ٻين الاقوامي اسٽينڊرد مطابق مرمت يا سار سنڀال کان سواءِ بحالي نٿي ٿئي سگهي.