جانورن جا سرڪاري ڍَڪَ ڇو بند آهن؟

تحرير: غلام حسين جوڻو

چوپايو مال هميشه فصلن ۾ ڪاهي پوندو آهي ۽ فصلن جي ڀيل ڪندو رهندو آهي. اها جانور جي عادت آهي ته جتي ساوڪ ڏسندو ته اتي پيو چڪ هڻندو آهي. اڳ ۾ سڄي سنڌ ۾ ڍَڪَ هوندا هئا. جن ۾ ڀيل ڪندڙ مال واڙيو ويندو هو. ڍَڪَايل مال جا مالڪ اچي ڏنڊ چٽي ڀري ڏيندا هئا ۽ پنهنجا جانور ڪاهي ويندا هئا. اهي ڍَڪَ شهرن ۽ ڪن وڏن ڳوٺن ۾ به هوندا هئا. جن ۾ چوپايو مال ڍَڪَايو ويندو هو. اهي ٻيهر مال کي قابو ڪرڻ جي ذميواري کڻندا هئا ۽ فصلن کي ڀيل کان بچائڻ جو واعدو وچن به ڪندا هئا. تڏهن جانور آزاد ڪيا ويندا هئا. ڪي ڍور وري پوليس به ڍَڪَرائيندي هئي اهي ڍور فصلن جي ڀيل جي ڏوهه ۾ واڙيا ويندا هئا يا سندن مالڪ ڪنهن ڏوهه ۾ پوليس کي گھربل هوندا هئا. روپوش ٿيڻ جي صورت ۾، سندن مال کي ڍَڪَ ۾ ڏنو ويندو هو پوءِ جيستائين پوليس جو ليٽر، ڍَڪَ منشي ڏانهن جاري نه ٿيندو هو تيستائين مال کي ڪونه ڇڏيو ويندو هو. ڍَڪَ منشي جو اهو ڪم هوندو هو ته ڍَڪَايل مال جو سمورو تفصيل رڪارڊ تي رکندو هو ان سان گڏ جانورن کي گاهه ۽ پاڻي جي سهولت به فراهم ڪندو هو ڍَڪَ جي صفائي جا انتظام به سندس حوالي هوندا هئا ڪنهن جانور جي بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ علاج به ڪرائيندو هو مطلب ته جانورن جي هر قسم جي سار سنڀال جو ذمون ڍَڪَ منشي جو هوندو هو.

پوءِ آهستي، آهستي ڍَڪَ ختم ٿي ويا. خبر ناهي ته ڪهڙي حڪم موجب ڍَڪن کي بند ڪيو ويو. ڍَڪَن جي ايراضين تي قبضا ڪيا ويا. هاڻ سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڍَڪَ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. جنهن ڪري مال کي ڍَڪائڻ جو سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي. ڍَڪَ نه هئڻ ڪري آبادگارن ۽ ڀاڳين وچ ۾  جھيڙا ٿيندا رهن ٿا. مون ڪيترا دفعا اخبار ۾ پڙهيو آهي ته، فلاڻي ٿاڻي جي حد ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو ٿيو جنهن ۾ هيترا ماڻهو زخمي ٿيا آهن. جن مان ڪن جي حالت انتهائي نازڪ آهي. پر، جڏهن ڍَڪَ هوندا هئا ته ڪو ورلي جهيڙو ٿيندو هو. ڀيل ڪندڙ جانورن کي ڍَڪَ ۾ ڏنو ويندو هو. پر، هاڻ ته ڀيل تان جهيڙا روزانه جو معمول بنجندو پيو وڃي. جنهن ڪري امن و امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي. فصلن جي ڀيل جا جهيڙا وڌي رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو دشمنيون پيدا ٿي رهيون آهن. نا اتفاقيون اسان جي طاقت کي ڪمزور ڪري رهيون آهن. اسان ڇڙ وڇڙ ٿيندا پيا وڃون هونئن به امن و امان جون حالتون خراب ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

اها به حقيقت آهي ته، ڍَڪَ هجن ها ته ظالم وڏيرو اُٺ جي ڄنگھ ڪونه وڍرائي ها. اهو، تازو واقعو ضلعي سانگھڙ ۾ ٿيو آهي. جتي وڏيري توڏي جي ڄنگهھ ڪٽي ان کي هميشه لاءِ معذور ڪري ڇڏيو. وڏيري ڀيل جو انتقام وٺڻ لاءِ ائين ڪيو. پوءِ خبر ناهي ته کيس ڪهڙو فائدو مليو. عوام وڏيري تي تنقيد ڪندو رهي ٿو. ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. اها ٻئي ڳالهه آهي ته وڏيرو قانون کان طاقتور ۽ سگھارو آهي. کيس ڪابه پرواهه ڪونه آهي. بهَرحال ڍَڪ هجن ها ته ڄاڻايل توڏي ڍَڪَ ۾ ڏني وڃي ها ۽ سندس ڄنگهھ ڪٽڻ کان بچي پوي ها. پر، اهو نقصان ڍَڪَ نه هئڻ ڪري ٿيو آهي. جنهن جو ازالو به ٿي نه ٿو سگھي. نهايت ئي ڏکوئيندڙ واقعو آهي ڍَڪَ نه هئڻ جي ڪري ڪن جذباتي وڏيرن ڀيل ڪندڙ چوپائي مال کي گوليون هڻائي مارائي ڇڏيو. اهڙا ڪيترائي افسوسناڪ واقعا ٻڌا اَٿئون. ڪن وڏيرن ته مورڳو ڍور گم ڪرائي ڇڏيا. جيڪي ڪافي ڳولا ڪرڻ سان به واپس ڪونه ٿيا. اهڙي طرح مالدار ماڻهن جو نقصان مختلف وقتن تي ٿيندو رهي ٿو. مالدار به پنهنجي ڍورن کي قابو ڪونه ٿا ڪن. انهن مان رسا ڪڍيو ڇڏين. پوءِ هو وڃيو فصل ۾ پون ٿا ۽ ڀيل ڪن ٿا. جنهن ڪري اهڙا واقعا پيش ايندا رهندا آهن.

سنڌ مان جڏهن ڍَڪَ بند ڪيا پئي ويا. ڍَڪَن جي ايراضيءَ تي قبضا ٿي رهيا هئا تڏهن هتان جو عوام خاموش رهيو.خاموش بنجي تماشو ڏسي رهيو هو. پر، هاڻ جڏهن حالتون بدلجنديون پيون وڃن. ڍَڪَن جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي تڏهن ڍَڪَن جي ٻيهر بحالي لاءِ آواز بلند ٿي رهيا آهن. ماڻهو حڪومت کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته ڍَڪَ قائم ڪري فصلن کي ڀيل کان بچايو ۽ ماڻهن کي جهيڙن کان روڪيو. ان سلسلي ۾ اهڙا مطالبا ڪافي دفعا اخبارن ۾ به ڇپيا آهن. پر، تازو ڊگھڙي مان نمائندي خبر ڏني آهي. جنهن جو تفصيل هن ريت آهي. “ماضي ۾ ڊگھڙي سميت ٽنڊو جان محمد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رولو چوپايو مال کي پڪڙي ڍَڪَ ۾ بند ڪيو ويندو هو اهي ڍَڪَ سالياني ٻولي لڳائي ٺيڪي تي ڏنا ويندا هئا. جن ۾ فصلن جو زيان ڪندڙ چوپائي مال کي بند ڪيو ويندو هو. چوپائي مال جي مالڪن تي ڏنڊ وڌو ويندو هو. ڏنڊ ادا ڪرڻ سان گڏ لکت ۾ پڻ بيان ورتو ويندو هو ته هو ٻيهر چوپائي مال کي آزاد نه ڇڏيندو. ٻيهر شڪايت جي صورت ۾ ڏنڊ جي رقم ٻيڻي ڪئي ويندي ۽ اها کانئن وصول ڪئي ويندي هئي. جڏهن ته ٽئين ڀيري جانور نقصان ڪيو ته اهو ضبط ڪيو ويندو هو ۽ ضبط ڪيل جانور کي ڍَڪَ جو انچارج نيلام ڪري ڇڏيندو هو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.