ڪو ڪنهن کي ووٽ نه ڏي ته ان کي به چون ٿا ڪارو آهين:سهراب سرڪي

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ايم پي اي سهراب سرڪي ڪاروڪاري الزامن هيٺ نياڻين جي قتل تي ڳالهائيندي چيو آهي ته پنج هزار رپين عيوض نياڻين کي ڪاروڪاري قرار ڏئي قتل ڪيو پيو وڃي، هي انسانيت ناهي، معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائڻ سنڌي ثقافت جو حصو ناهي، پر هي هڪ اهڙو ڏوهاري گروهه آهي جيڪو عام ڏوهارين کان به وڌيڪ سماج جي پاڙن کي کوکلو ڪري رهيو آهي، هن انڪشاف ڪيو ته لڳ ڀڳ 95 سيڪڙو واقعا  صرف مالي تڪرارن، قبضي جي نيت ۽ پراڻي دشمني تي ٻڌل هوندا آهن، سهراب خان سرڪي ان ڳالهه تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي ۽ ذاتي مقصدن لاءِ هن منفي عمل کي هٿي ڏين ٿا، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي، خانگي ميڊيا سان ڳالهائيندي سهراب سرڪي چيو ته ڪاروڪاري جا ڪيس ڪوڙا آهن، ڪو ڪنهن کي ووٽ نه ڏي ته ان کي به چون ٿا ڪارو آهين، ڪاروڪاري سنڌ جي ڪا رسم ناهي، ڪارو ڪاريءَ جي نالي تي ٿيندڙ 95 سيڪڙو ڪيس سراسر ڪوڙا ذاتي دشمنين، ڏيتي ليتيءَ جي تڪرارن، زمينن تي قبضي ۽ سياسي معاملن لاءِ معصوم ماڻهن تي ڪاروڪاري جو ڪوڙو الزام مڙهيو وڃي ٿو، ڪجهه معتبر وري انهن ڪوڙن ڪيسن جا فيصلا ڪن ٿا هي هڪ منظم خطرناڪ مافيا آهي جيڪا ڌاڙيلن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.