سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ کان 15 گريڊ تائين 54 هزار ڀرتيون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي (ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت طرفان آگسٽ 2023 جي اشتهارن موجب ڪيل 54 هزار کان وڌيڪ ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ پهرئين کان پندرهين گريڊ تي 54 هزار کان وڌيڪ ڀرتين جي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته مستقبل ۾ واڪ ان انٽرويو جي بنياد تي ڀرتيون نه  ڪيون وينديون، سنڌ حڪومت ڀرتين بابت ٺاهيل قانونن موجب نئين ڀرتيون يقيني بڻائي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گريڊ هڪ کان 4 ۽ 5 کان 15 جون پوسٽون ضلعي بنيادن تي ڀريون وڃن. عدالت آگسٽ 2023 جي اشتهارن موجب ڪيل ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته ايم ڪيو ايم آگسٽ 2023 ۾ ٿيندڙ 54 هزار کان وڌيڪ ڀرتين کي چئلينج ڪيو هو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي منع نامو جاري ڪيو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گريڊ 1 کان 15 تائين جي سرڪاري نوڪرين تي ڀرتين تي پابندي واري ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جو اهم فيصلو سامهون آيو آهي، اميدوارن جا ٽيسٽ ۽ انٽرويو ٻيهر ورتا ويندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل صوبائي حڪومت طرفان تجويز پيش ڪئي، جنهن تي عدالت صوبائي حڪومت جي تجويز تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت قانون موجب نوڪرين جا اشتهار جاري ڪندي، ٻيهر امتحان ۽ پوءِ انٽرويو ورتا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.