بارباڊوس(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ساهه سڪائيندڙ فائنل ۾ ڀارت ڏکڻ آفريقڪا کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.ڀارت پاران ڏنل 177 رنسن جي هدف جي ويجهو پهتل ڏکڻ آفريڪا کان ڀارتي بالرن ميچ کسي ورتي. برج ٽائون ۾ ڀارتي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون. ڀارتي ڪپتان روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي اننگز جي شروعات ڪئي ۽ شرما 23 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪيچ آئوٽ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ رشڀ پنت بنا ڪنهن رنسون ۽ سوريه ڪمار ياديو 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪوهلي ۽ اڪشر پٽيل ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ چوٿين وڪيٽ لاءِ 72 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، اڪشر پٽيل 31 بالن تي 4 ڇڪن جي مدد سان 47 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. ڀارت طرفان ويرات ڪوهلي 76 رنسن جي اننگز کيڏي، اڪشر پٽيل 47، شيوم دوبي 27 رنسن سان اڳڀرا رهيا. ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج ۽ اينرچ نورجي 2-2، مارڪو جانسن ۽ ڪگيسو ربادا هڪ – هڪ وڪيٽ حاصل ڪري وتي. جواب ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهي سگهي، هينرچ ڪلاسن 27 بالن تي 52 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، ڊي ڪوڪ 39، سٽبس 31، ڊيوڊ ملر 21 رنسون ٺاهيون. ڪوئنٽن ڊي ڪڪ ۽ ٽرسٽن ٽبس ٽئين وڪيٽ لاءِ 58 رنسن جي پارٽنرشپ ڪري ٽيم جي پوزيشن کي مستحڪم ڪيو پر ٽرسٽن ٽبس 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. آخري اوور ۾ ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 16 رنسون گهربل هيون پر سوريا ڪمار ياديو هاردڪ پانڊيا جي بال تي بائونڊري تي ملر جو شاندار ڪيچ کٽي ورتو. ايندڙ بال تي 4 رنسون ٺاهيون ويون، پوءِ ٽئين بال تي هڪ رنسون ٺاهيون ويون. چوٿين بال تي هڪ رن به آيو، ايندڙ وائڊ بال تي، جنهن کانپوءِ ربادا پنجين بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو ۽ آخري بال تي هڪ رن ٺاهي وئي ۽ اهڙي طرح ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ٽي ٽوئنٽي چيمپيئن بڻجي ويو. ڀارت طرفان هاردڪ پانڊيا 3، ارشديپ سنگهه ۽ جسپريت بمرا 2-2، جڏهن ته اڪشر پٽيل هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. مين آف دي فائنل مئچ ويرات ڪوهلي کي قرار ڏنو ويو جڏهن ته مين آف دي ٽورنامينٽ جسپرت بمرا کي قرار ڏنو ويو.
-
ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي تان رٽائر، نوجوانن کي موقعو ڏيڻ جي صلاح
بارباڊوس: ڀارت جي مرد بحران عظيم ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ کان پوءِ ٽي ٽوئنٽي تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هاڻ نوجوانن کي جاءِ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته هي ورلڊ ڪپ اسان کي کٽڻو هو.