ڏهرڪي(رپورٽ: اسد لغاري) اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي چيو آهي ته شهيد نصرالله جي قتل جي الزام ۾ اچڻ کان پوءِ جوابدارن جو عقل ڪم نٿو ڪري، ڪنهن عقل واري سان صلاح ڪري وٺن ، شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس کي لنڊ پتافي قبائلي جهيڙي جي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسون ڏهرڪي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن کان صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ٿيو آهي ان ڏينهن کان لنڊ قبيلي جي ماڻهن جي ڪوشش هئي ته ڪنهن طريقي سان نصرالله گڏاڻي جو قتل ڪيس ڪنهن پتافي جي ڳچي ۾ فٽ ڪجي هن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي ڪيس جي صحيح نموني جاچ ڪري جڏهن صحافي نصرالله گڏاڻي جو ڪيس لنڊن تي بيهاريو ۽ قتل ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار ۽ واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ پسٽل ۽ موٽر سائيڪل به ريڪور ڪرائي جنهن کان بعد لنڊن ڪوشش ڪئي ته هاڻي انهي مسئلي کي قبائلي جهيڙي طرف وٺي وڃجي هن وڌيڪ چيو ته پر اسان ائين ٿيڻ ڪو نه ڏينداسين پتافي قبيلي گذريل 24 سالن کان اهو طئي ڪري ورتو آهي ته امن ميلا ڪرائي قبائلي جهيڙن جو خاتمو ڪرڻو آهي هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪو به ماڻهو لنڊن خلاف نه پيو لکي پر لنڊن جا ماڻهون مسلسل منهنجي خلاف لکن پيا ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا پر سنڌ جو شعور شهيد نصرالله گڏاڻي جي ناحق قتل خلاف ڪڏهن به خاموش نه ٿيندو هن وڌيڪ چيو ته پتافي پنهنجي گهرن ۾ آهن ۽ پتافي ڪنهن به قبائلي تڪرار جو حصو نه ٿيندا