ڪنري ۾ ڏاچي جون چارئي ڄنگهون وڍيون ويون، واقعو معمو بڻيل

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند) سانگهڙ جي علائقي ورڪشاپ ۾ اٺڙي جي ڄنگهه ڪٽڻ بعد ڪنري ۾ ڏاچي (اٺڙي) جون چارئي ڄنگھون وڍي نامعلوم ماڻهو ان کي روڊ تي اڇلائي ويا. اٺڻي تتل روڊ تي مئل حالت ۾ پيل ملي،  ايس ايس پي عمرڪوٽ معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڪنري ويجھو روڊ تي مورجنگھو موڙ وٽ مئل حالت ۾ چارئي ڄنگھون وڍيل ڏاچيءَ هٿ آئي، واٽ ويندڙن مئل حالت ۾ پيل اٺڙي جي واقعي بابت ميڊيا کي آگاھ ڪيو، ان سلسلي ۾ علائقي واسين چيو ته صبح جي وقت مئل حالت ۾ ڄنگھون وڍيل اٺڙي روڊ تي پيل ڏٺي آھي. واقعو رات ٿيو آھي. نامعلوم ماڻھو ڏاچيءَ جون ڄنگھون وڍي ويا آھن. ان سلسلي ۾ ڏاچيءَ جي مالڪ رشيد ڪپري ٻڌايو ته منھنجي ڏاچي ولر سان گڏ ويل هئي، جتان اوچتو گم ٿي وئي ۽ صبح جو واقعي بابت اطلاع مليو ته ڏاچي مري وئي آھي ۽ ڪي نامعلوم ماڻھو اٺڙي جون چارئي ڄنگھون وڍي ويا آھن، بي رحم ماڻھن ظلم ڪيو آھي، بي زبان جانور جون ڄنگھون وڍيون ويون آھن. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد ايس ايس پي عمرڪوٽ معاملي جو نوٽيس وٺي ورتو، ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ  نوٽس وٺندي ڊي ايس پي ڪنري کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، جنھن بعد ايس ايڇ او ڪنري افتخار باجوا وٽرنري ڊاڪٽر ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي مئل ڏاچيءَ جو پوسٽ مارٽم ڪرايو. ٻئي پاسي ڏاچيءَ جي مالڪ پاران ڪنري ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي وئي آھي، آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي هئي ۽ نه ئي واقعي جي ذميوارن جي خبر پئجي سگهي هئي.

  • ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي: عمرڪوٽ پوليس

ڪنري: ڪنري پوليس جو چوڻ آھي ته مئل ڏاچي  جون ڄنگهون ڪٽي معاشري ۾ بي چيني پکيڙي پئي وڃي. فلحال پوسٽ مارٽم ڪيو آهي جاچ بعد سڀ حقيقتون سامهون آڻي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

  • ڏاچي  جون مئل حالت ۾ ڄنگهون ڪٽيون ويون آهن:ڊاڪٽر

ڪنري: اٺڙي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ابتدائي رپورٽ موجب اٺڙي جون مئل حالت ۾ ڄنگهون ڪٽيون ويون آهن، پهريان ڏاچي کي ماريو ويو ۽ بعد ۾ ان جو ڄنگهون ڪٽيون ويون آهن. وڌيڪ مڪمل رپورٽ اچڻ بعد اصل حقيقت معلوم ٿيندي.

  • ڪنري واقعي بابت سوشل ميڊيا تي غير ذميواراڻو رويو

حيدرآباد(رپورٽر) ڪنري ۾ اٺڙي(ڏاچيءَ) جون چارئي ٽنگون ڪٽڻ واري افسوسناڪ واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي غير ذميواراڻو رويو  اختيار ڪندي اصل حقيقت جي ڄاڻ نه هجڻ باوجود اسٽيٽس جي صورت ۾ متضاد ڳالهيون ڪيون پئي ويون، بنا تصديق جي ڪيترن ئي ماڻهن اهو لکيو ته سانگهڙ کانپوءِ وري ڪنري ۾ فصل جي ڀيل ڪرڻ تان اٺڙي(ڏاچيءَ) جون چارئي ٽنگون ڪٽيون ويون آهن، ڪجهه ماڻهن وري لکيو ته جيئري اٺ کي پڪڙي چارئي ٽنگون ڪٽيون ويون آهن، اهڙي طرح هڪ موقف اهو پڻ نظر پئي آيو ته اٺڙيءَ جي مالڪ اٺڙيءَ جي مري وڃڻ کانپوءِ همدردي حاصل ڪرڻ ۽ اٺڙيءَ جي آڙ ۾ مالي امداد وٺڻ جي لاءِ اهڙو افسوسناڪ واقعو ڪيو آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ئي پوليس جي نالي سان اهو موقف هليو پئي ته اٺڙيءَ جون ٽنگون ڪٽڻ جا ذميوار اٺڙيء جا مالڪ آهن، اهڙين سمورين ڳالهين ۽ خبرن جي باوجود اڃا اٺڙيءَ جون ٽنگون ڪٽڻ واري واقعي جون اصل حقيقتون سامهون نه اچي سگهيون هيون، پر پوءِ به هر ماڻهو اڳواٽ سوشل ميڊيا تي پنهنجو فيصلو ڏئي چڪو هو ۽ حتمي راءِ جو اظهار ڪري چڪو هو. سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تان مسلسل وڏن واقعن ۽ اهم مسئلن تي بنا تصديق جي خبرون هلنديون رهيون آهن ان ڪري سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن تان اڪثر سوشل ميڊيا صارفن جو اعتماد کڄي ويو آهي ۽ هو تيستائين خبر کي درست نٿا سمجهن جيستائين اها خبر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سامهون اچي يا پرنٽ ميڊيا ۾ شايع ٿئي.

  • واقعي تي سياسي سماجي ڌرين ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل

ڪنري: ڪنري ۾ اٺڙي کي ماري ان جون ڄنگهون ڪٽڻ واري واقعي تي علائقي واسين پاران سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي جوابدارن کي فوري  طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. علائقي واسين شمن، ڪامران، شوڪت ۽ ٻين چيو ته بي زبان جانورن کي بيدردي سان ماري انهن جون ٽنگون ڪٽڻ وڏو ظلم آهي اهڙي ظلم ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.