سکر بيراج جي متاثر دروازي 47 تي ڪيسيئن گيٽ لڳي ويو

سکر( رپورٽ:آزاد مهر) سکر بئراج جي متاثر گيٽ نمبر 47 تي ڪيسيئن گيٽ  لڳي ويو.گذريل ڏينهن صبح جو ڪفر ڊيم به ٻڌجڻ بعد سکر بيراج تان ايمرجنسي ختم ڪري سمورن ڪئنالن کي پاڻي جي ورڇ جاريڪئي وئي آھي. ان ڏس ۾ سکر بئراج جي انتظاميه جو چوڻ آھي ته سيڪريٽري ايريگيشن ظريف کيڙو ۽ صوبائي وزير ڄام خان شورو جي اڻٿڪ محنت ۽ جٽادار حڪمت عملي سان سکر بيراج تان خطرو ٽري ويو آهي، جڏھن ته باقي رھيل گيٽن جي تبديلي وارو ڪم ايندڙ سيزن ۾ شروع ڪيو ويندو، ھن وقت سکر بئراج جي دروازن جي مرمت وارو پھريون مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد درياءِ جي پاڻي جي سطح ۾ اضافو ڪري واھن کي پاڻي جي فراھمي شروع ڪئي وئي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.