ڪي اليڪٽرڪ کي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ خلاف جماعت اسلامي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي  لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته شهر ۾ گرمي جي لهر سبب پريشاني واري صورتحال آهي، ڪي اليڪٽرڪ عوام کي بنا دير بجلي فراهم ڪري، عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.  جماعت اسلامي طرفان ايڊووڪيٽ عثمان فاروق ۽ ڪي اليڪٽرڪ طرفان عابد زبيري وڪيل پيش ٿيو، عدالت ڌرين کي گرمي جي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جو پلان به طلب ڪري ورتو.

  1. سکر ۾ جماعت اسلامي طرفان بجلي بندش خلاف احتجاج

سکر (رپورٽر) جماعت اسلامي جي مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ ضلعي امير  سکر مولانا حزب الله جکرو ۽ سٽي امير زبير حفيظ جي اڳواڻي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ، اوور بلنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. سيپڪو چيف هيڊ آفيس ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هڻي مظاهرو ڪندي اڳواڻن چيو ته بجلي واهپيدارن کي بجلي جي 12 کان 20 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ باوجود واڌو بل موڪليا وڃن ٿا جيڪو سراسر عوام سان ظلم آھي هڪ طرف بجلي جي اڻھوند آھي ته ٻئي پاسي صارفين کي بجلي جا وڌيڪ  بل موڪليا پيا وڃن حڪومت ناجائز ٽيڪس لڳائي بجلي ايتري مهانگي ڪري ڇڏي آھي جو هاڻي بجلي جو استعمال ڪرڻ غريب ماڻھون جي وس ۾ ناهي حڪومت بجلي مٿان لڳايل ٽيڪس ختم ڪري عوام کي مستقل بنيادن تي سستي بجلي فراهم ڪئي وڃي. آفيسرن، چونڊيل نمائندن ۽ ملازمن کي مفت بجلي ڏيڻ بند ڪيو وڃي ۽ آسائشون گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.