ڪراچي (رپورٽر)صوفي بزرگ عبدالله شاهه غازي جي سالياني عرت تي اڄ ڪراچي ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب موجب، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي حدن ۾ قائم سموريون آفيسون بند رهنديون، موڪل جي موقعي تي رڳو لازمي خدمتن واريون آفيسون کليل رهنديون.ميونسپل ڪارپورشن طرفان ڪائونسل جي ٺهراءَ تحت حضرت عبدالله شاهه جي سالياني عرس جي موقعي تي موڪل ڪئي وئي آهي.