سوات ۾ توهين مذهب معاملو: ماريل شخص جي ڪمري ڀرسان پنجاب مان ڪجهه ماڻهو ترسيل هئا

سوات(حامد حسن )  سوات ۾ سيالڪوٽ جي سياح کي توھين مذھب جي الزام ۾ قتل ڪرڻ جي پويان ڪجھھ ٻيا محرڪ ٿي سگھن ٿا جن جي جانچ ٿيڻ ضروري آھي، عيد جي ٻئي ڏينھن تي سوات جي ننڍڙي ڳوٺ مدين ۾ گھڻ لاءِ آيل سيالڪوٽ واسي سلمان احمد متعلق ھوٽل جي مالڪ ۽ عملي جو چوڻ آھي تھ ھو خاموش مزاج ھيو ۽ پنھنجي ڪمري تائين محدود  ھوندو ھو، سندس جي اٿي ويٺي ۽ رويي مان لڳي رھيو ھو تھ ھو خاندان جي ڪجھھ مسئلن جي ڪري ذھني طور تي پريشان آھي، اھا ڳالھھ غور لائق آھي تھ ھو جڏھن مدين ۾ ان ھوٽل تي پھتو تھ ان ئي ڏينھن پنجاب کان ڪجھھ ٻيا ماڻھو بھ اچي ان ھوٽل ۾ رھيا ۽ سندس جي ڪمري ڀرسان ئي رھائش اختيار ڪيائون. جنھن وقت اھيو واقعو پيش آيو ان وقت ھو پنھنجي ڪمري ۾ ھيو، سندس ڀرسان واري ڪمري ۾ رھندڙ انھن ماڻھن جيڪي سندس پھچڻ واري ڏينھن ۽ لڳ ڀڳ ساڳئي وقت تي اچي ھوٽل ۾ پھتا ھيا پنھنجي ڪمري کان ٻاھر آيا ۽ سلمان احمد جي ڪمري جي دريءَ ٻاھران پيل قران شريف جي ڪجھھ سڙيل ورق کي سواءِ ڪنھن تحقيق جي اشو بڻائي چيو تھ ڪمري ۾ رھندڙ ان ماڻھوءَ ھي قرآن شريف شھيد ڪيو ۽ ان کي باھھ ڏني آھي، جنھن بعد موقعي تي موجود ماڻھن کيس ڪمري مان ٻاھر گھلي آندو، ايتري ۾ ھوٽل جي مالڪ پوليس کي فون ڪيو ۽ پوليس فوري طور تي ھوٽل پھچي وئي ۽ سلمان احمد کي ٿاڻي نيو ويو، جتي ھو چوندو رھيو تھ مان صبح جي نماز پڙھي آھي، ٻن پھرن جي نماز پڙھي آھي مان پڪو مسلمان آھيان ۽ اھڙو عمل ڪڏھن بھ نھ ٿو ڪري سگھان، پر ڪنھن بھ سندس ڳالھھ تي اعتبار نھ ڪيو ۽ ٿاڻي مان گھلي مٿس تشدد ڪري ماريو ويو ۽ بعد ۾ سندس لاش کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، سلمان احمد کي جھڙي نموني قتل ڪيو ويو آھي ان مان ظاھر آھي تھ سندس قتل پويان ڪي ٻيا محرڪ ٿي سگھن ٿا تنھنڪري پھريان ته انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري پڇا ڳڇا ڪئي وڃي تھ ھنن سلمان احمد تي قرآن پاڪ ساڙڻ جو الزام ڪھڙي بنياد تي ھنيو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.