سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ مخصوص سيٽن بابت اختلاف

اسلام آباد (معظم فخر) : سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ججن ۾ اختلاف راءِ نظر اچي ٿي، وڪيلن جي دليلن ڏيڻ دوران ججز جو پاڻ ۾ بحث شروع ٿي ويو. جسٽس اطهر من الله، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس منيب اختر لڳاتار اليڪشن ڪميشن جي حڪم کي آئين کان مٿاهين قرار ڏنو وڃي يا ان کي جائز قرار ڏنو وڃي. ان سان تحريڪ انصاف جي قانوني حيثيت بحال ٿي ويندي، ان کي پارلياماني حيثيت به ملي ويندي. ان جي بنياد تي تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون به ملي وينديون. ان هڪ نقطي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ ٻين ججز سان بحث ڪندو رهيو ته اسان آئين ۾ ڏنل پابندين کان ٻاهر نه ٿا نڪري سگهون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.