ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ( ٽي ٽي پي ) جي دفاعي شوريٰ جي سربراهه دهشتگرد نصرالله عرف مولوي منصور کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جاچ دوران ٽي ٽي پي جي افغان طالبان، ڀارتي ايجنسي را ۽ ڪالعدم بي ايل اي سان ڳٺ جوڙ بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن.
بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءَ لانگو ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته بلوچستان مان دهشتگردي جو هم نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو آهي، پابندي مڙهيل تنظيم جي ٻن اهم ڪمانڊرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي، دهشتگردن کي هڪ ڏکئي آپريشن کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته دهشتگرد ڪارروائين ۾ ڀارت ملوث آهي، ڀارت دهشتگردن جي مالي مدد ڪري ٿو، جيڪي نوجوان ٻاهر ويٺا آهن کين ورغلايو ويو آهي، نوجوان دشمن کي سڃاڻين سندن ڳالهين ۾ نه اچن، ورغلايل ماڻهو پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ ماڻهن کي نقصان پهچائي رهيا آهن.
گهرو وزير ضياءَ لانگو پابندي مڙهيل تنظيم جي گرفتار دهشتگرد ڪمانڊر نصرالله جو وڊيو بيان پڻ نشر ڪيو.
وڊيو بيان ۾ گرفتار دهشتگرد ڪمانڊر نصرالله ٻڌايو ته هو آپريشن ضرب عضب دوران فرار ٿي افغانستان ويو.
سندس چوڻ هو ته هن پاڪ افغان سرحد تي پاڪ فوج جي چيڪ پوسٽن تي حملا ڪيا، ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ تخريبي ڪارروائين ڪيون.
گرفتار دهشتگرد پنهنجي بيان ۾ چيو ته تصديق سان چئي سگهان ٿو ته ٽي ٽي پي جو سڄو نظام خاص طور مالي نظام پٺيان ڀارت جو هٿ آهي، ٽي ٽي پي اڳواڻ مفتي نور ولي محسود ڪابل ۾ ڀارتي سفارتخاني وڃي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي عملدارن ملاقات ڪئي جنهن جي مڪمل پٺڀرائي موجودا افغان حڪومت ڪري رهي آهي.
هن چيو ته موجودا افغان حڪومت ٽي ٽي پي کي نه رڳو مالي مدد فراهم ڪري رهي آهي پر کين ٽريننگ ۽ ماڻهو به فراهم ڪري رهي آهي.
گرفتار دهشتگرد جو چوڻ آهي ته مان مفتي نور ولي محسود کان سوال ڪيان ٿو ته هن ۽ سندس گهرواريءَ جي استعمال هيٺ بم پروف گاڏي انهن وٽ ڪٿان آئي؟ هو ٻين جي ٻارن کان ته آپگهاتي حملا ڪرائي کين جنت ۾ پهچائڻ جي فتويٰ ڏيندو آهي پر پنهنجن نوَ ٻارن مان ڪنهن هڪ کي به جنت ۾ موڪلڻ لاءِ استعمال ڇو نٿو ڪري؟
سندس چوڻ هو ته هو پاڻ محسود آهي ۽ ان معاملي جو ڌيان سمورن قبيلن ڏانهن ڏيارڻ چاهيان ٿو ته هو به مفتي نور ولي کان سوال ڪن ته دهشتگرد ڪارروائين ۾ رڳو ٻين قبيلن جا ٻار ئي ڇو ماريا ويندا آهن؟
هن چيو ته مون کي يقين آهي ته نور ولي سميت ٽي ٽي پي جي سموري قيادت ان سوال جو جواب نه ڏئي پر سگهندي پر مان ان ڳالهه جو جواب ڏيڻ چاهيان ٿو ته ٽي ٽي پي جي سمورن وڏن عهدن خاص طور مالي معاملن لاءِ پهرين ۽ آخري شرط محسود هئڻ آهي جڏهن ته ٻين قبيلن جي ٻارن کي ناحق مارائي پاڪستان دشمن قوتن جا ڪِريل مقصد پورا ڪيا پيا وڃن، اڄ به 70 کان 80 سيڪڙو محسود ٽي ٽي پي ۾ ڪنهن نه ڪنهن حيثيت ڪمانڊر آهن جنهنڪري ٽي ٽي پي ۾ اندروني طور ڳڻتي واري لهر ڇانيل آهي.
هن ٻڌايو ته مفتي نور ولي سميت ٽي ٽي پي جي سموري قيادت افغانستان ۾ موجود آهي، جن کي افغان طالبان جي مڪمل حاصل آهي، ٽي ٽي پي جا سمورا ڪمانڊر افغانستان ۾ آزادي سان گهمي رهيا آهن ، جڏهن ته بي ايل اي مجيد برگيڊ جو ڪمانڊر بشير زيب به افغانستان ۾ آهي.
وڊيو بيان ۾ گرفتار دهشتگرد ڪمانڊر نصرالله چيو ته افغانستان ۾ موجود دهشتگردن جا هڪٻئي سان رابطا آهن ۽ انهن پٺيان را جو پورو هٿ آهي، مفتي نور ولي ڀارتي سفارتخاني ۾ بشير زيب سان به ملندو رهندو آهي.
ٽي ٽي پي دفاعي شوريٰ جي گرفتار سربراهه جا ”را“ ۽ ”بي ايل اي“ جي ڳٺ جوڙ بابت اهم انڪشاف
You might also like