دائود پوٽا لائبريري جي عمارت خالي نه ڪرائڻ تي ڪمشنر کي ڇنڊ

ڪراچي ( رپورٽر)  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ زبون حال پبلڪ لائبريرين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آهي،  سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ لائبريري جي عمارت خالي نه ڪرائڻ تي ڪمشنر حيدرآباد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،  عدالت پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟،  عدالت ڪمشنر ڪراچي کي وارننگ ڏيندي چيو ته حڪمن تي عملدرآمد اولين ترجيح هجڻ گهرجي،  عدالت حيدرآباد ۾ علامه دائود پوٽه لائبريري جو ڪم ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  عدالت علامه دائود پوٽا لائبريري اڳيان مين روڊ تي اسپيڊ بريڪر ٺاهڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو،  عدالت چيو ته لائبريري جي سامهون ٽريفڪ سبب ڪنهن به اڻوڻندڙ ​​واقعي کان بچڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن،  سنڌ ۾ لائبريرين کي سولر تي منتقل ڪرڻ بابت سيڪريٽري توانائي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ،  عدالت علامه دائود پوٽه لائبريري جي بجلي بند ڪرڻ تي سي اي او حيسڪو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت سي اي او حيسڪو کان پڇاڻو ڪيو  ته عدالتي حڪم باوجود لائبريري جي بجلي ڇو بند ڪئي وئي، جيڪڏهن لائبريري جي بجلي بند ڪئي وئي ته  ذميوارن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت علامه دائود پوٽه لائبريري کي سولر تي ڪرڻ تائين بجلي جي فراهمي کي مستقل جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آفيسرن چيو ته لائبريرين لاءِ اضافي ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪرڻ ۽ الڳ بجيٽ مختص ڪرڻ لاءِ وڏي وزير کي سمري موڪلي وئي آهي. عدالت ۾ لائبريرين ۾ سولر لڳائڻ ۽ الڳ ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪرڻ جو يقين ڏياريو وڃي،  عدالت چيو ته دادو ضلعي ۾ لائبريري جي هڪ حصي تي قائم اطلاعات کاتي جي آفيس فوري طور تي ختم ڪئي وڃي، عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت پاران ثقافت کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز کي پتمبر هاسٽل لائبريري جو معائنو ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي،  عدالت پاران شڪارپور جي چڪ شهر ۾ لائبريري کي وسيع ڪرڻ لاءِ التوا ۾ رکيل ڪيس ٻن مهينن اندر اڪلائڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت  ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کان لائبريرين جا تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا،  عدالت پاران سکر جي لينس ڊائون پل کي عوام جي سير لاءِ پرڪشش بڻائڻ جو به حڪم ڏنو ويو،  لينس ڊائون پل جي تاريخي اهميت کي نظر ۾ رکندي ان کي نصاب جو حصو بڻايو وڃي، عدالت پاران تعليم واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي آهي،  عدالت سانگهڙ ۾ کپرو جي ڳوٺ بانڪو چانهيو ۾ اسڪول بابت جوڊيشل مئجسٽريٽ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي ، عدالت تعليم کاتي کي خيرپور جي علائقي چونڊڪو ۾ غير فعال ڪاليج جو قبضو حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،  عدالت چيو ته ڪاليج کي آءِ بي اي يا ڪنهن ٻئي خانگي اداري سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائي سگهجي ٿو. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.