ڪي پي ڪي ۾ آپريشن عدم استحڪام بابت اي پي سي سڏائڻ جو فيصلو

پشاور (م ڊ): ڪي پي ڪي جي پي ٽي آءِ حڪومت "آپريشن عزم استحڪام” بابت صوبائي سطح تي اي پي سي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو  آهي. خيبرپختونخواه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين سياسي پارٽين کي دعوت ڏني ويندي ۽ ڪانفرنس جي تاريخ ۽ وقت جو فيصلو جلد ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪانفرنس جو مقصد سمورين سياسي پارٽين کي موجوده صورتحال تي اعتماد ۾ وٺڻ آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ پاران قبائلي امن جرڳو اڄ 3 وڳي رنگ روڊ حيات آباد ٽول پلازه ڀرسان ٿيندو. جرڳي ۾ پي ٽي آءِ جا قبائلي صلاحڪار، مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ شرڪت ڪندا، جنهن ۾ امن امان ۽ آپريشن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. جرڳي ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويندا، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور سفارشون منظور ڪندو، جيڪي پارليامنٽ ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ به پيش ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.