لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر محمد احمد خان چيو آهي ته محمد زبير جي نواز شريف پاران جنرل (ر )قمر جاويد باجوا سان لنڊن ملاقات جي دعويٰ ڪوڙي آهي، نواز شريف جنرل باجوا سان ملاقات جي ڳالهه کي رد ڪريان ٿو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ احمد خان چيو ته محمد زبير صاحب اهڙيون ڳالهيون چئي ويو آهي جنهن سبب سندس لاءِ مونجهارا پيدا ٿي سگهن ٿا، محمد زبير نواز شريف جنرل باجوا ملاقات جا تفصيل ته سامهون آڻي، هو ٻڌائي ته ملاقات ڪڏهن ٿي، ڪڏهن باجوا هتان ويو، نواز شريف جنهن قد ڪاٺ جو ليڊر آهي سندس ڪا به ملاقات ۽ مصروفيت لڪي نٿي سگهي.
هن چيو ته جنرل باجوا سان ملاقات ته ڇا، ڳالهه ٻولهه به ناهي ٿي، محمد زبير بي بنياد ڳالهه ڪئي آهي، ان جا قانوني نتيجا ٿي سگهن ٿا، پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته محمد زبير جي ڳالهه تي جڊيشل ڪميشن ٺهڻ گهرجي.
پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته جڏهن به ملڪ کي خطرن لامارا ڏنا آهن قوم هڪ ٿي آهي، نيشنل ايڪشن پلان منظور ڪيو ويو ۽ ان جا هاڪاري نتيجا آيا، دهشتگردي سان نارمل پروسيجر کان هٽي ڪري منهن ڏيڻو پوندو.
NawazSharif EXCOASQamarJavedBajwa MohammadZubair PMLN