اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان نااهلي خلاف التوا هيٺ اپيل جي جلد ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ باني جي وڪيل علي ظفر طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ عمران خان جي نااهلي خلاف داخل اپيل کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اسلام آباد ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ڪيس سبب هاءِ ڪورٽس ۾ ڪارروائي اڳتي ناهي وڌي رهي. درخواست ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني اسيمبلي ميمبر ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين ٿي سگهي، التوا هيٺ اپيل سبب پي ٽي آءِ ننڍي چونڊ ۾ به حصو نه وٺي سگهي، عدالت کان استدعا آهي ته التوا هيٺ درخواستن کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان نااهلي خلاف 10 جنوري 2024 تي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي.
هئي.
ImranKhan PTI supremecourt