گرميءَ ڪراچي واسين جا پگهر ڪڍي ڇڏيا، ايندڙ ڏينهن دوران موسم ڪيئن رهندي؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ آهي پر گرميءَ جي شدت 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي پئي وڃي.
موسميات کاتي موجب، هوا ۾ گهم جو تناسب 40 سيڪڙو آهي، ڪراچي ۾ هوا بند ٿيڻ ۽ حد کان وڌيڪ گهم سبب پاڻهو پگهر ۾ شل لڳا پيا آهن.
سنڌ جي راڄڌاني ۾ گذريل ڏينهن گرمي پد 41 ۽ گرميءَ جي شدت 52 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ٿيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو ڏکيو ڏينهن رهيو، رات شهر ۾ 39 ۽ 40 ڊگري جيتري گرمي محسوس ڪئي وئي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته صبح ستين وڳي کان ئي 38 ڊگري جهڙي شدت محسوس ڪئي وئي.
موسميات کاتو خبردار ڪري چڪو آهي ته شهرين کي ايندڙ ٽن ڏينهن دوران اهڙي ئي گرميءَ کي منهن ڏيڻو پوندو، شهر ۾ گرمي ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.

Heat Karachi Sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.