ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي دبنگ گرل سوناڪشي سنها ۽ سندس پراڻي دوست ظهير اقبال گذريل ڏينهن پنهنجي محبت کي شادي جي ٻنڌڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
ممبئي ۾ اداڪارا جي رهائشگاهه تي نجي تقريب ٻنهي جي شادي ٿي، تنهن کانپوءِ شلپا شيٽي جي مقامي ريسٽورينٽ ۾ شاندار آجياڻي واري تقريب ٿي.
آجياڻي واري تقريب ۾ سوناڪشي ڳاڙهو لباس پهريو ۽ سندس سينڌ ۾ سندور نظر آيو جڏهن ته گهوٽ اڇي لباس جي چونڊ ڪئي.
تقريب ۾ بالي ووڊ جي مقبول شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ سلمان خان، انيل ڪپور، ريکا، ڪاجول، وديا بالن، روينا ٽنڊن، سنجي ڪپور ۽ ٻيا شامل هئا.
سوناڪشي جي پيءُ شتروگهن سنها ڌيءَ جي شادي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي ڌيءَ سوناڪشي، ظهير سان گڏ خوش نظر ايندي آهي.
سوناڪشي ۽ ظهير جي شادي گذريل ڏينهن 23 تاريخ تي ٿي ۽ 2 سال اڳ هو 23 سيپٽمبر تي ئي هڪ ميوزڪ وڊيو ۾ گڏ نظر آيا هئا.
ان ميوزڪ وڊيو کانپوءِ سندن دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي هئي…..
Bollywood ZaheerIqbal Sonakshisinha