گهوٽڪي پوليس شهيد نصرالله گڏاڻي جي حامين کي هراسان ڪرڻ لڳي

گهوٽڪي/ ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ+ آزاد مهر) ميرپورماٿيلو پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي جنهن بعد سول سوسائٽي ، صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جي سخت  احتجاج باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران گذريل رات دير سان مختلف ٿاڻن جي پوليس موبائيلن ۽ وڏي نفري سان گڏ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي ۽ شھر جي مختلف علائقن ۾ چڙھائي ڪري شھيد صحافي جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج ڪندڙ صحافين سوشل ورڪرن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن کي هراسان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي ھن حوالي سان صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ محمد يعقوب گڏاڻي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته رات جو دير سان پوليس موبائلون اسان جي ڳوٺ اندر گھمي رھيون ھيون ڇو ته اسان جڏهن وڏيرن جا نالا کنيا آهن ته پوليس اسان کي حراسان ڪرڻ شروع ڪيو آهي جڏھن ته پوليس جي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن ۽ گھر ڀاتين کي هراسان ڪرڻ جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد سول سوسائٽي ۽ صحافين ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي ته ٻي طرف وري ڪجھ ماڻھن شھر ۾ سر عام موٽر سائيڪلن تي شھر ۾ گشت ڪري خوف و حراس ڦھلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.هوڏانهن شھيد نصرالله گڏاڻي جي چاھيندڙن لاءِ سندس جي امڙ مسمات پٺاڻي جو ويڊيو پيغام جاري ٿيو آهي، جنھن ۾ چيو ويو آهي ته شھيد جي خون سان انصاف لاءِ پُرامن جدوجھد ۽ قانوني چارا جوئي ڪنداسين، قبائلي ڇڪتاڻ نٿا چاھيون، شرارتون ڪندڙ قاتلن کي فائدو رسائڻ چاھين پيا جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان فريادين کي حراسان ڪري رھي آھي، قاتل سردارن جي گرفتاري لاءِ ٻيھر ڌرڻو ھڻنداسين، سنڌ جا سورھيه پُٺ احتجاجي تحریڪ لاءِ تيار رھن، قاتلن کي ڦاسي جي ڦندي تي لڙڪائڻ تائين سک سان نه ويھنديس سنڌ جو شعور منهنجي مدد ڪري.

ايس ايس پي گهوٽڪي پاران پريس رليز جاري، افراتفري پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي جي ڌمڪي

ميرپورماٿيلو: ميرپورماٿيلو جي صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي جوابدار لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مظاهرين کي حراسان ڪرڻ لاءِ پوليس جي چڙهائي ڪرڻ واري واقعي بعد سوشل ميڊيا تي پوليس  خلاف مهم شروع ٿيڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي نئوڪارنامو ڪندي شهر مان پوسٽر ڦاڙيندڙن بابت پريس رليز جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته21 ۽ 22 جون جي وچ واري رات اڻڄاتل جوابدارن شهر ۾ افراتفري پکيڙي ڇڏي. ميرپور ماٿيلو شهر ۾ ڪجهه پوسٽر ڦاڙيا ويا ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.پريس موجب ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي.

شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي اڄ ٻڌڻي رٿيل

ميرپورماٿيلو: ميرپورماٿيلو شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي اڄ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ وٽ ٻڌڻي ٿيندي، هوڏانهن نوجوان اتحاد جي اڳواڻن جنيد جلباڻي، وقار بوزدار ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو آهي ته شهيد نصرالله  گڏاڻي جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج ڪرڻ تي پوليس شهيد جي ڳوٺ سميت اسان جي گهرن تي به چڙهائي ڪئي آهي. اسان کي هراسان ڪيو پيو وڃي اسان ڪنهن به صورت ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو خون لڙهڻ نه ڏينداسين.

شھيد جي ڪيس ۾ پوليس ڪمداري ڪري رهي آهي: قومپرست اڳواڻ

ميرپورماٿيلو: ميرپورماٿيلو ۾ شھيد نصرالله گڏاڻي جي ڪيس متعلق قومپرست تنظيمن پاران سنڌ ھائوس ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، پريس ڪانفرنس ۾ جسقم شھيد بشير خان، جسقم آريسر، جيئي سنڌ تحريڪ، سنڌ سڀا، قومي ڪارڪنن، وڪيل دوست ۽ جسقم اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ، ايڊوڪـيٽ عبدالمجيد ميربحرسھيل ڪلوڙ، وحيد سنڌي، نديم ملاڻو، فيض کوسو، اظھر ڪلوڙ، ايڊوڪيٽ عمار دايو، ايڊوڪيٽ رحمت پتافي, ڪامريڊ مجيب،جليل پٺاڻ،شھريار مرڻاس، وقار بوزدار،جنيد جلباڻي ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا، اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته شھيد نصرُالله گڏاڻي جي ڪيس کي لوڙھڻ ۾ پوليس ڪمدار جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پرامن سياسي ڪارڪنن کي تنگ ڪرڻ سان گڏ هراسان ڪري رھي آھي،اھڙي ڪريل عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پوليس جي قاتلن سان سھڪاري تعاون خلاف 28 جون تي شھيد نصرُالله گڏاڻي پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان پيادل مارچ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس ميرپورماٿيلو تائين ڪيو ويندو، ياداشت نامو پيش ڪيو ويندو.

Nasrullahgadani Justicefornasrullahgadani GhotkiPolice Sindhpolice

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.