چوڙيون مائرون ۽ ڌيئرون پائينديون آهن، طعنو نه بڻايو وڃي: شازيه مري

اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته چوڙيون مائرون ۽ ڌيئرون به پائينديون آهن ان کي طعنو نه بڻايو وڃي، ايوان ۾  ڌمڪيون مليون آهن ته چوڙيون ناهن پاتيون، عورتن جو خيال رکيو وڃي. شازيا مري بجيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته پگهاردار طبقي تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايا ويا، هڪ طبقي کي ٽارگيٽ نه ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شازيا مري چيو پگهار 37 هزار رکي آهي ته ان تي عمل به ڪرايو وڃي، بجيٽ بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ نه ٺهي، بهتر هجي ها ته ٽيڪسن کي بيلنس ڪيو وڃي ها.هن چيو ته پيٽرول تي ليوي 60 مان وڌائي 80 رپيا ڪئي وئي، اڳ کان ٽيڪس ڏيندڙن تي ئي ٽيڪس جو وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي، هيلٿ سيڪٽر تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ اسان وٽ 10 اين آءِ سي وي ڊي اسپتالون آهن، هر سال 23 لک ماڻهو علاج ڪرائيندا آهن، ٻين صوبن مان به وڏو انگ ايندو آهي، اهڙي هڪ اسپتال ٺاهي ڏيکاريو، نٿا ٺاهي سگهو ته جيڪي آهن انهن تي بار نه وجهو.

Shazia Marri PPP budget  government NationalAssembly

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.