ڪراچي ۾ به لاهور طرز جي ڊولفن فورس ٺاهڻ چاهيون ٿا:آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته اسان ڪراچي ۾ به لاهور طرز جي ڊولفن فورس ٺاهڻ چاهيون ٿا پر هن وقت اسان وٽ وسيلا ناهن. هن چيو ته هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا لاهور طرز جي موٽرسائيڪل فورس ٺاهڻ بابت تجويزون ڏيندي، ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ شاهين فورس کي وڌيڪ وسيلا ڏئي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش  ڪري رهيا آهيون. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ناردرن بائي پاس تي 37.4 ڪلوميٽر روڊ کي باڙ  لڳائي ريگيولر ڪرڻ چاهيون ٿا، ناردرن بائي پاس تي 11 هنڌن تي پڪا رستا آهن. هن چيو ته ناردرن بائي پاس جي سمورن داخلي ۽ خارجي رستن تي نگراني کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ ذيلي رستن تي سمارٽ ڪيمرا به لڳايا ويندا. غلام نبي ميمڻ چيو ته گلشن مري ۾ چاليا جي اسمگلنگ ۾ سي ٽي ڊي آفيسر ۽ ٻين جي ملوث هجڻ جي جاچ لاءِ هڪ ڊي آءِ جي ۽ 2 ايس پيز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته چڱا ۽ بڇڙا ماڻهو هر جاءِ تي هوندا آهن، چند بڇڙن ماڻهن جي هڪ خراب عمل سبب پوري سي ٽي ڊي کي خراب نٿو چئي سگهجي.

IGSindh Dolphinforce SindhPolice streetcrime

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.