اسحاق مڱريي عام ماڻهن،ماحوليات،جهنگلي جيوت ۽ هنرمندن لاءِ صحافت ڪئي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن چيو آهي ته اسحاق مڱريو سنڌ جي صحافت جو يگانو ڪردار هو، جنهن جو خال ڀرڻ مشڪل آهي، هن عام ماڻهن، ماحوليات، جهنگلي جيوت ۽ هنرمندن لاءِ  صحافت ڪئي. اهڙو اظهار سنڌ جي جاکوڙي صحافي اسحاق مڱريو جي ياد ۾ آرٽس ڪونسل آف حيدرآباد طرفان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل مڃتا ميڙاڪي ۾ ڪيو. ان موقعي تي نامياري قانوندان يوسف لغاري چيو ته اسحاق مڱريي انسانن سان پيار ڪيو، اسحاق مڱريو صحافي سان گڏ هڪ سچو سياسي ڪارڪن هو، اسحاق مڱريو صوفي منش صحافي هو، هو آزاد صحافت جو قائل هو، ٽوڙهي ڦاٽڪ ۽ توهين مذهب جي ڪيسن تي ڪچهري ڪندو هو ۽ وڏو مواد رکندڙ هو، اسحاق مڱريي جو وڏو ڪردار هو شايد اسان نڀائي سگهون. هو وڏو خودار هو. هن جو قرض نٿا لاهي سگهون. هن چيو ته صحافي هن جي خوداري مان سبق حاصل ڪن. ليکڪ جامي چانڊيو ته اسحاق مڱريو منفرد ۽ يگانو ماڻهو هو، هن سان 92 ۾ ملاقات ٿي، اسحاق مڱريو ارڏو بهادر ماڻهو هو، سادن معاملن ۾ سادو ۽ ڏکين ڳالهين ۾ ڏکيو هو، هو راءِ ڏيڻ ۾ حجاب نه ڪندو هو، هو هڪ ڪنهن اسٽوري ۾ گهربل پورهيو مڪمل ڪندو هو. آرٽ ڪونسل آف حيدرآباد جي سربراهه اسحاق سميجو چيو ته صحافت روايتي فريم مان نڪري چڪي آهي، جنهن ۾ مشڪوڪ ماڻهو اچي رهيا آهن، ڪردار جي زوال جي زماني ۾ اسحاق مڱريو جو ڪردار زنده رکڻو آهي، اسحاق مڱريو جي ڪلهي تي سدائين گودڙي ڏٺيسين، تحقيقاتي صحافت ۾ اسحاق جو نالو پهرين نمبر تي شامل هوندو، هن جي دور ۾ ٻين صحافين جي لفاظي گهڻي هئي، اسحاق مڱريو جي لکڻين ۾ معلومات هوندي هئي، اڄڪلهه صحافي پٺيان 20 گاڏيون کڻي هلن ٿا، هو ماڻهن ۽ مظلومن جو صحافي هو، سينيئر صحافي لالا رحمان سمون چيو ته اڄڪلهه سنڌي صحافت پڙهيل ماڻهن لاءِ ڪيريئر نه پئي ٿي سگهي، سنڌي ميڊيا جا ادارا ڪڏهن به ادارا نه ٿي سگهيا آهن، هاڻ ناڪاره ماڻهو صحافت ۾ ڀرتي ٿي رهيا آهن، ايڊيٽر جو ادارو ختم ٿي ويو آهي، اسحاق مڱريو تحقيقاتي صحافت ڪئي. هاڻ نعريباز واري صحافت ٿي رهي آهي. سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته زرعي دوائن ۽ زرعي ڀاڻ جي مسئلن کي اسحاق مڱريي منفرد انداز ۾ رپورٽ ڪيو ۽ عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو، اسحاق مڱريو محنت ۽ پورھئي سان صحافتي ڪم ڪندڙ ھو، اسحاق مڱريو ڏاڍ جي خلاف ۽ ھيڻن لاءِ صحافت ڪئي، اسحاق مڱريو ھاري ۽ مزدور جو صحافي ھو. سينيئر صحافي مهيش ڪمار چيو ته اسحاق مڱريو جو وڇوڙو سنڌي صحافت لاءِ وڏو نقصان آهي اسحاق جو وڇوڙو تحقيقي صحافت جو وڇوڙو آهي، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور چاڪراڻي چيو ته اسحاق مڱريو جي خبرن جو انداز پنهنجو هو، اسحاق مڱريو جي پٽ صالح مڱريو چيو ته اسان جي خاندان ۾ حر تحريڪ جا وڏا ڪردار هئا، بخش فقير وڏو ڪردار هو، اسان جي خاندان جا مرد ۽ عورتون لوڙهن ۾ قيد ٿيون، بابا آخر تائين ان فقيري رنگ ۾ رهيو. هن چيو ته بابا جي ڪڏهن 50 هزار پگهار نه ٿي، بابا ڪڏهن به پئسن جي لاءِ نه لکندو هو، هو آدرشي ۽ خودار ماڻهو هو. سماجي اڳواڻ سلمان جي ابڙو چيو ته اسحاق مڱريو سنڌ جي سامونڊي پٽي کي بھترين رپورٽ ڪيو، هن سانگھڙ جا مسئلا رپورٽ ڪيا، ايس يو پي جي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته اسحاق مڱريو صحافت کي ڪاروبار ۽ مفاد پورا ڪرڻ جو ذريعو نه بڻايو، ھن جي صحافت حقيقتن تي ٻڌل ھئي، ھن جھر جھنگ وڃي عوامي مسئلا ۽ ماحولياتي مسئلا رپورٽ ڪيا. نامياري اديب تاج جويو چيو ته سانگهڙ ۾ بادل ٿري ۽ اسحاق مڱريو جو نالو وٺڻ سان وڏا ڌڻي پريشان ٿي ويندا هئا. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ مير حسن سريوال چيو ته اسحاق مڱريو پنهنجي استاد مير محمد سومرو معرفت ادب ۽ صحافت ۾ آيو. معصوم سانگهڙائي جو گهاٽو دوست هو. سينيئر صحافي نياز پنهور چيو ته اسحاق مڱريو ڪاوش کان اڳ ۾ پاڻ مڃرائي چڪو هو، اسحاق مڱريو هڪ سياسي ڪيڊر مان آيل ماڻهو هو، اسحاق ڪيترن شعبن جي رپورٽنگ ڪندو هو. چاهي ها ته بليڪ ميلنگ ڪري وڏي دولت ٺاهي ها پر هن ائين نه ڪيو. هو غربت ۾ رهندي اخبارون بدلائيندي به ڳاٽ اوچي سان رهيو. اسحاق مڱريو. اي جي چانڊيو. عطا راڄڙ ڪي ڪروڙ نه ڇڏيا آهن.

اسحاق مڱريو صحافت لاءِ وڏو ڪم ڪيو. پروفيسر امر لغاري چيو ته اسحاق مڱريي نوجوانن کي صحافت ۽ ادب ڏانهن آندو. فھميدہ جروار چيو ته اسحاق مڱريو پيدائشي انٿراپالاجسٽ ھو ماڻھن جي باري ۾ ڄاڻڻ جو شوق ھئس. غربت ۽ مفلسي کي ھن مھڻو نه سمجھيو. هو ھمٿ وارو ھو. نوجوان صحافي راشد لغاري چيو ته اسحاق مڱريو عوام جي صحافت ڪئي. هو مٽي سان جڙيل صحافي هو. اشفاق لغاري چيو ته اسحاق مڱريي رپورٽنگ دوران گهڻو ڀوڳيو به هو.

Ishaqmangrio globalwarming journalism

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.