حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ثمينه ممتاز زهري سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي خط لکيو آهي.ذريعن موجب ثمينه ممتاز زهري سنڌ جي گورنر کي خط ۾ سنڌ ۾ بي زبان جانورن تي ظلم ڪندڙ ڏوهارين کي عبرتناڪ سزا جي سفارش ڪئي آهي،سينيٽر ثمينه ممتاز زهري سنڌ ۾ جانورن سان ٿيندڙ خوفناڪ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي خط ۾ لکيو ته معصوم جانورن تي ظلم هڪ وحشياڻو عمل آهي.ثمينه ممتاز چيو ته اٺ جي فوري علاج لاءِ پ پ ميمبرن جو فوري ردعمل حوصلو ڏيندڙ آهي.هن خط ۾ وڌيڪ چيو ته رياست جي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ سزا اڻٽر آهي.