ڪراچي (م ڊ) ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز ”ايمنڊ“ خيبر ۾ صحافي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ ايمنڊ چيو ته پاڪستان ۾ صحافين تي حملن جو سلسلو جاري آهي، صحافين کي تشدد، اغوا ۽ ڌمڪيون معمول بڻجي ويون آهن. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيون آهن. تنظيم مطالبو ڪيو ته خليل جبران جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.