سنڌ سرڪار آخر صحت ۽ تعليم کي اڃان ڪيترو مهانگو ڪندي؟

رپورٽون آهن ته سنڌ حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليمي ادارن سان گڏ اسپتالن ۽ ٻين طبي خدمتن تي به 15 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏي آهي. اسان جو خيال آهي ته سنڌ اندر تعليم ۽ خاص ڪري صحت جيڪا اڳ ۾ ئي مهانگي ٿيل آهي، دوائون اڳ۾ ئي عام ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي رهيون آهن وري جيڪڏهن اسپتالن تي به ٽيڪس لڳندو ته معنيٰ انهن جي سروس به وڌيڪ مهانگي ٿي ويندي. بهتر ته اهو هو ته حڪومت دوائن جي اگهن ۾ به لاٿ ڪري ها پر جيڪڏهن اها نه ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ صوبائي سيلز ٽيڪس جي دائري ۾ بنيادي خدمتن کي شامل نه ڪري ها.

اهو سڀ اسان ان پس منظر ۾ ٿا چئون ته اسان جي حڪمرانن جو بنيادي ڪم عوام جي خدمت ڪرڻ آهي. اصولي ۽ قانوني توڙي اخلاقي طور حڪومت جو اهو فرض هوندو آهي ته اها عوام جي خدمت ڪري پر هتي حساب ئي ٻيو آهي. هتي حڪمرانن هميشه پاڻ کي سکيو ستابو رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ عوام کي سدائين تڪليفن ۾ رکيو آهي. هڪ لحاظ کان ڏسجي ته عوام حڪومت جي ترجيح ئي ناهي. جيڪڏهن عوام حڪومت جي ترجيح هجي ته اها پاڻ کي ڏکيو رکي، پنهنجون آسائشون، رعايتون ۽ مراعاتون گهٽائي عوام کي سکيو رکڻ جو جتن ڪري ها. حڪمران پاڻ سادگي جي زندگي گذارين ها پر افسوس ته حڪومت ڪڏهن به عوام دوست ناهي رهي. ڳالهيون عوام جون ڪيون پر ڪم پنهنجا ڪبا، سک پاڻ کي ڏبا.

تعليم ۽ صحت ٻئي عوام جي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. انهن کي ڪنهن ريت به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي پر حڪومت جون هميشه اهڙيون پاليسيون رهيون آهن جيڪي عوام کي مجبور ڪن ٿيون ته اهي تعليم ۽ صحت تان هٿ کڻي وڃي. صحت ۽ تعليم جي خدمتن تي 15 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي معنيٰ اها ئي آهي ته صحت ۽ تعليم کي ويتر عوام لاءِ مهانگو ڪري ڇڏجي، جيڪڏهن عوام جو علاج به مهانگو هجي، دوائون به مهانگيون ٿينديون وڃن ته باقي ڇا ٿو بچي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عوام کي رليف گهرجي ته رليف ڏيڻ بدران ويتر مهانگ ۾ ئي اضافو ڪيو وڃي ته ان کي حد ئي چئي سگهجي ٿو.

سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر حڪومت جو ڇا مقصد آهي ڇا عوام نه علاج ڪرائي ۽ نه ئي دوا وٺي ڇا اهو واپس حڪيمن جي علاج ڏانهن وڃي، سو خدارا ان تي سوچيو، اوهان جون روز روز جون اهي مهانگائي واريون پاليسيون عوام کي بيزار ڪري ڇڏينديون ۽ پوءِ اهڳ اهڙو ردعمل ڏيکارڻ تي مجبور ٿيندو جو تخت تاج ئي اڏامي ويندا، تنهن ڪري عوام لاءِ اهڙو عذاب برپا نه ڪريو، مٿن اهڙو ظلم نه ڪريو جو اهو بغاوت تي لهي اچي. عوام لاءِ تعليم ۽ صحت ان جو حق آهي. اهو حق ان کي ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي. عوام حڪمرانن کي ان لاءِ ئي ووٽ ڏيندو آهي ته اهي عوام جي زندگي کي سهنجو ۽ خوش حال بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. سو مهرباني ڪري ان پاسي سوچو ۽ عوام کي صحت ۽ تعليم ۾ رعايت ڏيڻ واريون پاليسيون اختيار ڪريو.

  • سينيئر صحافي اسحاق مڱريي جي لاڏاڻي تي اسين سڀ سوڳوار آهيون

سنڌ جي نامياري صحافي، تحقيقي صحافت جو هڪ وڏو نالو، فيچر رائيٽر، ڪالم نگار، اسحاق مڱريي جي لاڏاڻي تي اسين سڀ سوڳوار آهيون. رپورٽن موجب پاڻ ڪجهه مهينن کان بُڪين جي بيماري ۾ ورتل هيا، علاج ٿيندو رهيس پر سندس صحت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري ڪراچي جي ڊائو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ڇنڇر جي ڏينهن سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ ائين هو سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌي صحافت کان جسماني طور وڇڙي ويو.

اسحاق مڱريو پنهنجي شاگردي واري دور ۾ قوم پرست تنظيمن جي پليٽ فارم تان سياست ڪئي. ان کان پوءِ هن ترقي پسند سياست ۾ حصو ورتو. صحافت هن 1992ع کان شروع ڪئي. پهريون سانگهڙ ۽ 1995ع کان پوءِ هو حيدرآباد ۾ اچي ويو ۽ پوءِ مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چينلن ۾ صحافتي ذميواريون نڀايون. حيدرآباد پريس ڪلب جو پاڻ صدر به رهيو. سندس صحافت جي سڃاڻپ جو حوالو تحقيقي صحافت هئي. ماحوليات سندس خاص موضوع هو. ماحوليات جي تناظر ۾ هن سنڌودرياهه، سنڌو ڊيلٽا، منڇر ۽ ڍنڍن ڍورن تي ڪيتريون ئي يادگار اسٽوريون ڪيون، ڪالم ۽ فيچر لکيا. هو عالمي ماحولياتي تنظيمن آءِ يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف ۽ يو اين ڊي پي جي ڪيترن ئي ماحولياتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. اسحاق مڱريو اهو ليکڪ هو جنهن جا مضمون اخبارن کان علاوه مختلف ۽ وڏن مئگزينن ۾ به ڇپجندا رهيا.

اسحاق مڱريي صاحب جو اهو مختصر صحافتي پروفائيل آهي پر هو ان کان گهڻو وڌيڪ هو. سندس ڪم يادگار ۽صحافت ۾ سندس اهو يادگار ڪم هڪ باب جي حيثيت رکي ٿو. اسحاق مڱريي سنڌي صحافت کي جيڪو ڪجهه ڏنو سو ته عالم آشڪار آهي پر هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس صحافتي ۽ تحقيقي ڪم کي سهيڙي ان کي ڪتابي شڪل ۾ آندو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته اسحاق مڱريي لاءِ يا ڪنهن به ليکڪ لاءِ ان کان وڏو ڪو اعزاز يا خراج نه ٿو ٿي سگهي ته سندس قلمي پورهئي کي محفوظ ڪيو وڃي، ڊاڪيومينٽ ڪيو وڃي. اسحاق مڱريي جو صحافتي ڪم هر لحاظ کان ان جو حقدار آهي.

اسان وٽ عام تاثر اهو هندو آهي ته هتي شايد ڪم نه ٿو ٿئي پر ائين به ناهي، هتي ڪم ٿئي ٿو ۽ هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي پر ان ڪم کي سهيڙي محفوظ گهٽ ڪيو ويندو آهي. اسحاق مڱريي جي لکيل مضمون، تحقيقي فيچرز، رپورٽن ۽ ماحوليات تي ٿيل ڪم کي الڳ الڳ ڪري رکجي ته ڪيترائي ڪتاب وجود ۾ اچي سگهن ٿا، هن ايترو گهڻو لکيو آهي ۽ جيئن ته هن سنڌ تي لکيو آهي ۽ تحقيق ڪري لکيو آهي ته ان ڪم جي حيثيت يقينن تاريخي آهي.

اسان کي اسحاق مڱريي جي ڪيل صحافتي ڪم جي ڳڻتي آهي ته سندس لکيل مواد ضايع نه ٿي وڃي. اسان کي خبر ناهي ته سندس خاندان ۾ ان حوالي سان ڪيتري سجاڳي ۽ دلچسپي آهي پر جيڪڏهن اها هجي به ته انهن جي ذميواري ناهي. اصل ۾ اها مختلف ادارن جي ذميواري آهي ته سنڌ تي ٿيل ڪم کي محفوظ ڪري ۽ اهڙي املهه قلمي پورهئي کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.

اسان اسحاق مڱريي صاحب جي وڇوڙي کي سنڌي صحافت لاءِ هڪ وڏو هاڃو سمجهون ٿا ۽ ان کي پنهنجي صحافتي وجود جو تاريخي حصو سمجهون ٿا. ان کان علاوه جيئن ته هو سنڌ جي سياست ۾ به نظرياتي حوالي سان ڀرجهلو هو، تنهن ڪري اسان سڀ نه رڳو صحافتي حلقا پر سياسي جماعتون به سندس لاڏاڻي تي سوڳوار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.