ڪئناڊا پاران پاڪستان جي زال مڙس سرڪاري آفيسرن جو گرين ڪارڊ رد

اسلام آباد(فخر دراني)پاڪستان جي هڪ اهم رٽائرڊ  شخصيت جنهن جي ڌيءُ ۽ ناٺي به اهم سرڪاري عهدن تي مقرر آهن،انهن ٻنهي زال مڙس ڪئناڊا جي اميگريشن لاءِ درخواست ڏني،ڪئناڊا جي اميگريشن ۽ گرين ڪارڊ لاءِ ڪجهه ٽيسٽ هوندا آهن،آئلز واري ٽيسٽ ۾ انهن پورا نمبر حاصل ڪري ورتا،ان کان علاوه ڪئناڊا جي صوبي ڪيوب ۾ ٻي اهم ٻولي فرينچ جا سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪري اهو ٽيسٽ به پاس ڪري ورتو ۽ گرين ڪارڊ حاصل ڪري ورتو،ٽيسٽ پاس ڪندڙ ان پاڪستاني خاندان کي غيرمعمولي سمجهي ابوظهبي ۾ ڪئناڊا جي اميگريشن انٽرويو لاءِ گهرائي ورتو،پهرين ته ڪجهه مهينن لاءِ  انهن مختلف بهانا بڻائي  لنوايو،ڪئناڊا جي سفارتخاني کي جڏهن معاملو مشڪوڪ لڳو ته انهن چيو ته اوهان هتي نٿا اچي سگهو ته اسان اسڪائيپ يا زوم ذريعي توهان جو انٽرويو ڪريون ٿا،ان تي به ٻنهي زال مڙس  مهينن تائين حيلن بهانن کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو جنهن کان پوءِ ڪئنيڊين اختيارين کي اندازو ٿي ويو ته ٻنهي ٻه نمبري ڪئي آهي،ڇو ته ٻنهي آئلز ۽ فرينچ لئنگويج جو سرٽيفڪيٽ ٻه نمبري سان ٺاهرايو هو، جنهن بعد ٻنهي جو گرين ڪارڊ ڪينسل ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي کي هميشه لاءِ ڪئناڊا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.