سانگهڙ ۾ اُٺ جي ڄنگهه ڪٽيندڙ 5 جوابدار گرفتار، ٻن پاران ڏوهه جو اعتراف

سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ ) سانگهڙ ۾ اُٺ جي ٽنگ ڪٽڻ جي الزام ۾ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  2 ڏينهن اڳ سانگهڙ جي علائقي منڊ جمڙائو ۾ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو. جڏهن هڪ اُٺ بااثر وڏيري جي زرعي زمين ۾ داخل ٿيو ته بااثر هارين جي مدد سان اٺ کي ٻڌي سندس هڪ ٽنگ ڪٽي ڇڏي،  واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ تي سانگهڙ پوليس به بااثر وڏيري خلاف ڪيس  داخل ڪرڻ بدران سرڪاري شڪايت تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.  ان حوالي سان ايس ايس پي اعجاز شيخ چيو آهي ته اُٺ جي ٽنگ ڪٽڻ جي الزام ۾ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان 2 جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. زميندار  سميت  زمين تي ڪم ڪندڙ ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ايف آئي آر ۾ جيڪا قلم لاڳو ڪيو ويو آهي انهي جي سزا 5 سال آهي ڇاڪاڻ ته اٺ جو مالڪ جاچ ۾ تعاون نه پيو ڪري انهي لاءِ رياست پاڻ فريادي ٿي آهي .

  • شازيه مري ۽  سينيٽر  قرت العين به معاملي جو نوٽيس ورتو

سانگهڙ : سانگهڙ ۾ اٺ جي ڄنگهه ڪٽڻ واري واقعي جو ايم اين اي شازيه عطا مري ۽ سينيٽر قرت العين مري پڻ نوٽس ورتو آهي، لاڳاپيل عملدارن کي جوابدارن  خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي. هوڏانهن پريس ڪانفرنس ڪندي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته مون کي سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي ڇاڪاڻ ته  مقتول پوليس اسٽيشن وڃڻ بدران پريس ڪلب ويو.  مون کي جيئن ئي خبر پئي ته مون قانوني ڪارروائي لاءِ  ايس ايس پي سان رابطو ڪيو  ۽ اُٺ جي علاج لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ٽيم موڪلي جنهن  اٺ جو ابتدائي علاج ڪيو. اٺ جي مالڪ پاران جاچ ۾ تعاون نه ڪرڻ سبب رياست فريادي بڻي آهي ڇو ته هاڻي معاملو رڳو اُٺ جي مالڪ جو ناهي پر اينيمل ايڪٽ جي به ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.  هاڻي اُٺ کي علاج لاءِ ڪراچي موڪليو پيو وڃي جتي ان جي زخمن جي علاج بعد  مصنوعي ٽنگ لڳائي ويندي.

  • اُٺ جي ڄنگهه ڪٽڻ جو نوٽيس، گورنر پاران 2 اٺ ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر ) سانگهڙ ۾ ظالم وڏيري هٿان بي زبان اٺ تي وحشياڻي ظلم خلاف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  نوٽيس وٺندي جاچ ڪرڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽوئيٽر تي پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪندي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. شرجيل ميمڻ لکيو ته اٺ مالڪ ۽ جوابدارن ۾ مامرو حل ٿي ويو هو، جڏهن ته جانور سان اهو عمل انساني طور تي ناقابل قبول آهي، تنهن ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.ياد رهي ته سانگهڙ ۾ ظالم وڏيري پنهنجي فصل ۾ داخل ٿيڻ تي اٺ جي ڄنگهه ڪٽي ڇڏي هئي. هوڏانهن  گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سانگهڙ ۾ ظالم وڏيري هٿان اٺ تي وحشياڻي ظلم بعد مالڪ کي 2 اٺ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته فصل ۾ داخل ٿيڻ سان اٺ جي ڄنگهه ڪٽي ڇڏڻ انسانيت ناهي، اٺ جي ڄنگهه ڪٽي غريب شخص جي روزي کسي وئي آهي. ڪامران ٽيسوري اٺ مالڪ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پوليس واقعي جي اصل ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ سانگهڙ وڃي متاثر شخص کي 2 اٺ ڏيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.