زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ئي نه پر اهم ٿنڀ سمجهيو وڃي ٿو.اسان جي حڪمران طبقي پاران وفاقي بجيٽ ۾ ملڪي زراعت جي ترقيءَ لاءِ 5 ارب روپيا رکيا ويا آھن،جنهن مان ڏسي سگهجي ٿو ته زراعت تي دارومدار رکندڙ ملڪ جي حڪمرانن جي زراعت جي ترقيءَ ۾ ڪيتري دلچسپي آهيملڪي اقتصادي انگن اکرن موجب ملڪي جي ڊي پي ۾ زراعت جو شعبو 24 سيڪڙو حصو وٺي ٿو جڏهن ته ملڪ ۾ روزگار جي پيداوار ۾ 37.4 سيڪڙو زراعت ڪردار ادا ڪري ٿي.
هوڏانهن هڪ مشاهدي ۽ معلومات موجب ملڪ جي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ميني فيڪچرنگ جو دارو مدار به زراعت تي پڻ تمام گهڻو آھي.خود ملڪي اقتصادي سروي جي آيل انگن اکرن موجب مالي سال 2024 جي دوران زرعي شعبي ملڪي ترقيءَ واري شرح ۾6.5 فيصد وارو ڪردار ادا ڪيو.زراعت جي پيشي ۽ خود زرعي ڪاروبار سان واسطو رکندڙ حلقن جو خيال آھي ته اسان کي وڏي اميد هئي ته حڪومت زرعي پيداوار کي ٻيڻو ڪرڻ خاطر حڪومت زراعت جي ترقيءَ لاءِ لاءِ ملڪي بجيٽ ۾ بجيٽ ۾ اضافي رقم رکندي پر افسوس جو ايئن نظر ڪونه آيو.
عوامي ووٽ سان چونڊيل حڪمرانن جن پنهنجي اليڪشني مهم ۾ ملڪي ترقيءَ ۽ مختلف شعبن ۾ بهتري جا خواب ڏيکاريا هئا جن ۾ زراعت جي ترقيءَ جو خواب سرفهرست پڻ ڏيکاريو ويو هيو ۽ اهي دعوائون ته زرعي ملڪ آھي ان زراعت جي ترقيءَ ۽ جديد لاڙن ۾ زراعت جي ترقيءَ تي زور ڏنو ويندو.پر افسوس جو جڏهن ملڪي بجيٽ ۾ زراعت جي ترقيءَ لاءِ ڏنل انگن اکرن ۽ رکيل بجيٽ تي نظر پئي ته خاص طور ملڪي ٻھراڙين سان وابسطا عوامي نمائندن ۽ حڪمرانن جي عوام ۽ زراعت جي شعبي ۽ ڪاروبار سان وابسطه حلقن کي وڏو مايوس پڻ ڪيو.بجيٽ 2024 ۾ زرعي ترقيءَ واري اسڪيم ۾ فقط 5 ارب روپيا پڻ رکي حڪمران حلقن پنهنجي ملڪي زراعت لاءِ دلچسپيءَ وارن دعوائن کي وائکو ڪري ورتو.
عام اليڪشن ۾ زراعت جي ترقي،هاري مزدور ۽ آبادگار جي بهتريءَ لاءِ ڳالھ ڪندڙ سياسي حلقن ۽ خصوصي طور حڪمران حلقن کي سوچڻ کپي ته ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ حڪومت اچڻ کان اڳ ۾ هارين،مزدورن ۽ آبادگارن جي ڀلائيءَ ڪرڻ جا خواب ڏيکارڻ لاءِ ۽انهن حلقن کان ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي سونهري خواب ڏيکارين ٿا ۽ پوءِ حڪومت ۾ اچي مٿي ڄاڻايل ملڪي بجيٽ ۾ زراعت جي بهتري ۽ هارين توڻي آبادگارن جي فلاح جي لاءِ جيڪي پئسا ۽ اسڪيمون رکن ٿا س پڻ هنن جي ملڪي زراعت جي سڌاري ۽ ملڪي بهتريءَ جي دلچسپيءَ جي پت پڻ وائکي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
مجموعي طور تي اسان جو ملڪ زراعت واري شعبي سان وابسطه ۽ پيشي سان مالامال ملڪ آھي، پر اسان جي حڪمرانن جي غلط زرعي ۽ واٽر پاليسين سبب پهتل نقصان ۽ وقت تي لهندڙ زرعي فصل ڪڻڪ،ڪاٽن يعني ڪپهھ،ڪمند سارين جي فصلن کي مارڪيٽ ۾ اچڻ دوران مناسب اگهھ ڪونه ٿا ملن، ۽ غلط حڪومتي پاليسين سبب ڪڻڪ جي لهندڙ فصل جيڪو وڏي محنت ۽ مهانگي ڀاڻ ٻج ۽ زرعي دوائن جي استعمال ۽ بليڪ مارڪيٽنگ باوجود سٺو فصل لهي ٿو ته هاريءَ ۽ آبادگار کي مناسب اگھه نه ملڻ ۽ فصل جي لهڻ کان اڳ ٻاهرين ملڪن مان ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ ڪٿان جي زرعي پاليسي ۽ هارين سان همدرديءَ جي ڏاهپ آھي.
ان ڪري مٿي هارين جي ڀلائيءَ ۽ زراعت جي بهتريءَ يا ترقيءَ بابت ڏنل انگ اکر ٻڌائن ٿا ته اسان جا حڪمران حلقا ۽ سياسي حلقا ملڪي زراعت سان ڪيترا سچا آھن.!!
ملڪ جي زراعت سان آبپاشي نظام جو سڌو واسطو آھي،ملڪي جي زرعي صنعت جو سڌو سنئون واسطو پاور ۽ بجلي جي شعبي سان پڻ آھي.پر اسان جي حڪمرانن جي انهن شعبن جيڪي لوڪل ۽ پرڏيهي معاملن سان تعلق کندي زراعت تي سڌي اڻ سڌي طرح اثر رکن ٿا سي حڪمران پاليسين ۾ صاف ظاهر ٿيندا ته سياسي پليٽ فارم تان زرعي سڌارن جا خواب ڏيکاريندڙ سياستدان جڏهن حڪمران حلقي جي پوزيشن ۾ اچي ٿو سو پڻ ڄڻ ته زراعت دشمن نظر ايندو.يقين نه اچي ته توهان ملڪي بجيٽ ۽ صوبائي بجيٽن ۾ حڪمران حلقن جي زراعت بابت پاليسيون ۽ بجيٽ جا انگ اکر ۽ انتظامي معاملن تي عمل ڏسندا ته انهن حڪمران حلقن جي نيت جي پت وائکي ٿي پوندي.هتي ٻيو نه پر اسان جي زراعت سان سلهاڙيل ھارين جي ۽ آبادگارن جي تنظيمن کي کپي ته عوام دشمن،زراعت دشمن پاليسين خلاف تحرڪ ۾ اچڻ کپي ته جيئن ملڪ جي زراعت جي بهتريءَ ڏانهن حڪمران توجهھ ڏيڻ تي مجبور ٿين.ملڪ جا اهڙا سيڪٽرز جيڪي سڌا اڻ سڌا زراعت سان واسطو رکن ٿا جيئن زرعي بينڪ،ايريگيشن نظام،زرعي پاليسيون،زرعي صنعت،ڏيهي ۽ پرڏيهي زرعي جنسن جي مٽا سٽا،ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جي وهنوار وارين پاليسين کي سامهون رکي زراعت سان وابسطه حلقن کي خد و خال جي نشاندهي ڪرڻ کپي.جڏهن تي ادارن ۾ ويٺل با اختيار آفيسرز کي ملڪ جي زراعت جي يو آءِ بهتر ڪردار ادا ڪرڻ کپي.حڪمران حلقن کي عمل ڪرائڻ تي توجهھ ڏيڻ اولين فرض ۾شامل ڪرڻ کپي.
زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ئي نه پر اهم ٿنڀ سمجهيو وڃي ٿو.اسان جي حڪمران طبقي پاران وفاقي بجيٽ ۾ ملڪي زراعت جي ترقيءَ لاءِ 5 ارب روپيا رکيا ويا آھن،جنهن مان ڏسي سگهجي ٿو ته زراعت تي دارومدار رکندڙ ملڪ جي حڪمرانن جي زراعت جي ترقيءَ ۾ ڪيتري دلچسپي آهيملڪي اقتصادي انگن اکرن موجب ملڪي جي ڊي پي ۾ زراعت جو شعبو 24 سيڪڙو حصو وٺي ٿو جڏهن ته ملڪ ۾ روزگار جي پيداوار ۾ 37.4 سيڪڙو زراعت ڪردار ادا ڪري ٿي.