سنڌ کي امن کپي بس امن کپي

تحرير: مجاهد چنا

شاه  لطيف سچل سامي جي ڌرتي شھباز قلندر جي نگري جيڪا امن پيار محبت رواداري توڙي مھمان نوازيءَ حوالي سان مشھور آھي پر اڄ ڪلهھ ڪراچيءَ کان ڪشمور سنڌ ۾ بدامني لاقانونيت سنڌ واسين لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي چڪو آھي عوام رات جو ۽ نه ئي ڏينھن جو محفوظ آھي. قبيلائي جھيڙن ۽ ڌاڙيل راڄ جي ڪري عوام ٻٽي عذاب ۾ آھي.اسان جو دين ھڪ انسان جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏئي ٿو. صحافي جان محمد مھر، نصرالله  گڏاڻي ، تعليمي ماھر پروفيسر اجمل ساوند کان وٺي استاد الله  رکيو جي بيدرديءَ سان قتل سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راڄ جي ماحول جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي. جنھن جي ڪري ٻارڙن جي تعليم توڙي ڪاروبار تباھ آھي.

ڪاروباري ماڻھو پاڻ کي توڙي پنھنجي سرمائي کي غير محفوظ سمجھندي منتقل جڏھن ته ھندو برادري لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھي. بدامني لاقانونيت کان وٺي ڌاڙيل راڄ تائين اھا حڪومتي پاليسي آھي يا ناڪامي ٻنھي صورتن ۾ عوام ڏچي ۾ آھي.بدامني جو ھڪ ڪارڻ مھانگائي بک بيروزگاري به آھي.حقيقت اھا آھي ته ھي اسان جي ٻچن توڙي سنڌ جو مستقبل تباھ ڪرڻ جي وڏي سازش آھي.

ان صورتحال ۾ سنڌ جي ھر ساڃاهه وند کي ڳالھائڻو، آواز اٿارڻو ۽ لکڻو پوندو. جس ھجي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي امن بحالي تحريڪ جي دوستن غلام مصطفي ميراڻي ۽ ظريت علي بجاراڻي کي جن پنھنجي ضلع ۾ ھڪ مھينو لڳاتار احتجاج ۽ ڌرڻي بعد 9جون تي  ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جو ڪيس سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اچي پيش ڪيو.سوين ڪلوميٽر ڪھي اچي ڪراچيءَ پريس ڪلب آڏو احتجاج رڪارٽ ڪرائندڙ ڌرڻي ۾ مختلف سياسي، سماجي،قوم پرست مذهبي اڳواڻن توڙي اقليتن  وڪيلن سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهو شريڪ هئا. جن جو حڪومت کان صرف ھڪ مطالبو ھوته خدارا اسان کي امن ڏيو. اسان جا شھر ۽ اسان جي ٻارڙن جو مستقبل تباھ نه ڪريو.

جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر معراج الهندي صديقي درست چيوته اڳي جيڪڏھن ڪا حڪومت ناڪام ٿيندي ھئي ته اتي گورنر راڄ لڳندو ھو پر سنڌ ۾ حڪومتي ناڪامي تي ڌاڙيل راڄ لڳي ويو آھي، مراد علي شاهه حڪومت سنڌ جي عوام کي امن ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي. جيڪا حڪومت پنھنجي شھرين کي تحفظ فراھم نه ڪري سگھي ان جي باقي رھڻ جو ڪو جواز ڪونھي حڪومت امن قائم نه ڪيو ته مراد علي شاهه جو وزير اعليَ ھاوس جو گهيراءُ ڪنداسين. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جڳديش آھوجا جو چوڻ ھو ته ھي گونگا ٻوڙا حڪمران آھن. ھندو برادري ملڪ ڇڏي وڃڻ جون ڳالهيون ڇڏي ھمت ڪن ھي ڌرتي اسان جي جنم ڀومي آھي اسان ڇو وڃون. سنڌ بار ڪونسل جي ميمبر وڪيل عبدالغني بجاراڻي، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر محسن پٺاڻ دائود جکراڻي بدامني جي باھ خلاف عدالت سڳوريءَ جو دروازو کڙڪائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته چئن سالن کان اسان جي ضلعي ۾ جنگ مسلط ڪئي وئي آھي جن کي مقامي ظالم ڀوتارن ۽سردارن جي سرپرستي حاصل آھي. ڀلا سنڌ سونھاري علاقه  غير ۽ لاوارث ڇو بڻيل آھي ايڏي وڏي پيماني تي احتجاج جي باوجود حڪمران خاموش تماشائي ڇوبڻيل آهن، لاشن ۽ جسمن مان وهندڙ رت ڏسي به سندن ڪن تي جونءُ به نٿي سُري.

ھونئن ته سموري سنڌ پر اتر سنڌ جا چار ضلعا ڪشمور، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ شڪارپور بدامني جو مرڪز بڻيل آھن. هن وقت به سوين شھري اغوا ٿيل ۽ ڌاڙيلن جي قيد ۾ آھن. جن جو ڪروڙين رپيا ڀُنگ طلب ڪيو پيو وڃي. ايسيتائين جو حق سچ لکندڙ صحافين کي به چونڊي چونڊي ماريو پيو وڃي جنهن جو تازو مثال شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي، جان محمد مهر، اجي لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ آهن جن کي سچ ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو.

شهيدن جي خون ۾ ملوث اصل ڪردارن بدران ڪرائي جي قاتلن کي ڦاسائي اصل قاتلن کي بچايو پيو وڃي.ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان بي امني، قبيلائي جهيڙا، ڀُنگ لاءِ اغوا، ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ڪيو وڃي ته جيئن اُتان جا ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهن. ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن، سندس سهولتڪار ڀوتارن کي گرفتار ڪري هٿراڌو بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو آندو وڃي. الله  پاڪ حڪمرانن کي سمجھ ۽ ساڃاهه ڏئي سنڌ جي سون ورني ڌرتيءَ امن واشتي جو مرڪز بڻجي وڃي. بس اسان کي امن کپي!

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.