بي جي پي، 71 ڄڻن جي ڪابينا ۾ ھڪ به مسلمان وزير نه کنيو

ھندوستان ۾تازين ٿيل چونڊن ۾ بعد ھندوستان ۾ حڪومت جڙي وئي آھي.ھن ڀيري بي جي پي،کي سادي اڪثريت نھ ملڻ ڪري ھن ٻين ڌرين سان گڏجي حڪومت جوڙي آھي.ٽيون ڀيرو نريندر مودي  وزير اعظم بڻجي  ويو آھي.سندس وزيرن جو انگ 71 آھي.جن ۾ ھڪ بھ مسلمان نھ آھي.

اڳوڻين ٻن حڪومتن ۾سان ڀيٽ ڪجي تھ، اين ڊي اي جي حڪومت ۾ وزيرن جو سڀ کان وڏو انگ آهي. هندستان جي تاريخ ۾ ھي پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن به مسلمان ايم ايل اي وزير طور حلف نه کنيو آهي.نه رڳو ايترو،پر  هندستان جي لوڪ سڀا ۾ اين ڊي اي،ڪل 293 ميمبرن مان هڪ به مسلمان، سک يا عيسائي ناهي.ماهرن ۽ اپوزيشن پارٽين جو چوڻ آهي ته اهو رجحان خطرناڪ آهي. ھوڏانھن ڀارتيه جنتا پارٽي اهڙين دعوائن کي رد ڪري ٿي.پارٽي جو چوڻ آهي ته اها مذهب يا ذات پات جي بنياد تي ٽڪيٽ نھ  ورهائيندي آھي ۽ ان جا چونڊيل نمائندا سڀني جي فائدي لاءِ ڪم ڪن ٿا.

18 هين لوڪ سڀا  جي چونڊن ۾، بي جي پي مجموعي طور تي 240 سيٽون کٽيون ۽ ان جي اتحادين سان گڏ لوڪ سڀا ۾ 293 سيٽون آهن. وزيراعظم نريندر مودي جي ڪابينا مان 61 وزيرن جو تعلق بي جي پي سان آهي ۽ باقين جو تعلق اين ڊي اي اتحاد سان آهي.

ھي 2014 کان پوءِ، اين ڊي اي، جي وفاقي وزيرن جو سڀ کان وڏو تعداد آهي. 2014ع ۾ ڪل 46 وزيرن حلف کنيو،  2019ع ۾  وزيرن جو انگ وڌي 57 ٿي ويو ھو.بي جي پي جي پهرين ٻن حڪومتن دوران هڪ مسلمان کي اقليتي معاملن جو مرڪزي وزير بڻايوھو، ڊاڪٽر نجمه کي 2014 ۾ اقليتي معاملن جو مرڪزي وزير بڻايو ويو.جيڪا ھن وقت مني پور جي گورنر آهي.

2019 ۾ وزيراعظم مودي اقليتي معاملن جو کاتو مختار عباس نقوي کي  ڏنو ھو، پر هن 2022 ۾ ٽن سالن بعد استعيفي ڏئي ڇڏي ھئي. ان کانپوءِ سمرتي ايراني کي  ان کاتي جي اضافي چارج ڏني وئي ھئي.اها به حقيقت آهي ته بي جي پي جا ملڪ جي مختلف اسيمبلين ۾ هزارکان وڌيڪ ميمبرآهن پر انهن مان صرف هڪ مسلم آهي.

ملڪ جي آبادي ۾ مسلمانن جو تعداد لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ آھي ۽ ڪل آبادي ۾ انھن جو حصو 14.2 سيڪڙو آھي.

18هين لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ 24 مسلمان ميمبر چونڊيا ويا آهن، جن مان 21 جو تعلق اپوزيشن اتحاد ’انڊيا‘ جي سياسي پارٽين سان آهي.اپوزيشن پارٽين ۽ سياسي تجزيه نگارن ڀارتيه جنتا پارٽي ۾ مسلمانن جي نمائندگي ۾ گهٽتائي جي رجحان تي تنقيد ڪئي آهي.

تاريخي طور تي هندستان ۾ مسلمانن کي پنهنجي آبادي جي حساب سان پارليامينٽ ۾ نمائندگي حاصل نه ٿي سگهي. پارليامينٽ ۾ مسلمانن جي نمائندگي پنجاهه سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٿي وئي آهي ۽ اليڪشن وڙهندڙ مسلمان اميدوارن جو انگ به مسلسل گهٽجي رهيو آهي.

2019  لوڪ سڀا جي چونڊن ۾، 115 مسلمان اميدوار هئا، جڏهن ته 2024 ۾ اهو انگ گهٽجي وڃي 78 رھجي ويو.ڪانگريس به ڪيترن ئي مسلمان اميدوارن کي ٽڪيٽون نه ڏنيون آهن ۽ 2014ع جي ڀيٽ ۾ پارٽي اندر مسلمانن جي نمائندگي به گهٽجي وئي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.