اسلام آباد (م ڊ) قرضن جي وياج جي ادائيگي سبب پاڪستان جو مالياتي خسارو هدف کان مٿي رهندو، قرضن تي وياج ادائيگين ۾ واڌ سبب هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جو مالياتي خسارو بجيٽ جي هدف کان وڌيڪ هوندو.اڪنامڪ سروي آف پاڪستان موجب بجيٽ ۾ ملڪ جو مالياتي خسارو 6.5 سيڪڙو رکيو ويو هو پر قرضن تي وياج جي ادائيگين سبب مالي سال جي آخر تائين اهو هدف کان وڌي ويندو.هلندڙ سال پاڪستان جي ٽيڪس روينيو ۾ 30 سيڪڙو جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو ۾ 90 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. آمدني ۾ واڌ جي باوجود، خرچن جي ڪري بجيٽ خسارو وڌندو، خاص طور تي قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ 54 سيڪڙو اضافو آهي.