وفاقي حڪومت جي ڊي پي سميت اهم هدف ماڻڻ ۾ ناڪام، مهانگائي وڏو چئلينج \اقتصادي جائزو

اسلام آباد(م ڊ) موجوده مالي سال ۾، پاڪستان جون 2023 جي وفاقي بجيٽ ۾ مقرر ڪيل معاشي ترقي ۽ مهانگائي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پاران پيش ڪيل 24-2023ع جي اقتصادي سروي موجب انهن معاشي مقصدن  ۾ سڀ کان نمايان ملڪ جي معاشي ترقي جي شرح ۽ مهانگائي جي شرح جا هدف هئا. پاڪستان بجيٽ ۾ معاشي ترقي جو هدف 3.5 سيڪڙو مقرر ڪيو هو پر اقتصادي سروي آف پاڪستان موجب پاڪستان جي معاشي ترقي 2.4 سيڪڙو رهي. سروي موجب هلندڙ مالي سال ۾ صنعتي ترقي جي شرح 1.21 سيڪڙو رهي، جڏهن ته زرعي شعبي جي معاشي ترقي جي شرح 6.25 سيڪڙو رهي. خدمتن جي شعبي ۾ معاشي ترقي جي شرح 0.83 سيڪڙو رهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ منفي 0.1 سيڪڙو ۽ ٽيڪسٽائيل شعبي جي ترقي جي شرح ناڪاري 8.3 سيڪڙو رهي. سروي موجب حڪومت مهانگائي کان متاثر ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ انتظامي، پاليسي ۽ رليف قدمن جي جامع پيڪيج تي عمل ڪري رهي آهي. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال ۾ مهانگائي جي شرح 26 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال لاءِ مهانگائي جي شرح جو هدف 21 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال ۾ مهانگائي جي شرح 26 سيڪڙو رهي. مهانگائي جي اها شرح جولاءِ کان اپريل جي مهيني ۾ رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل سال ان عرصي ۾ 28.2 سيڪڙو هئي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران پيش ڪيل 24-2023ع جي اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سروي موجب مهانگائي پاڪستان جو سڀ کان وڏو معاشي چئلينج بڻجي ويو آهي، جيڪو اوچتو ظاهر نه ٿيو پر گذريل ٽن سالن ۾ ان ۾ اضافو ٿيو آهي. سروي موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جو وڏو سبب طلب ۽ رسد ۾ گهٽتائي هئي. اها شرح توانائي جي وڌندڙ قيمتن، مهانگي وارداتن ۽ آمدني جي دٻاءُ سبب وڌي وئي آهي. پاڪستان پنهنجي تيل ۽ خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ درآمدات تي ڀاڙي ٿو ۽ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سان ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي.  وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽينڊ بائي معاهدو ڪيو هو ڇو ته اسان وٽ ڪو پلان بي نه هو ۽ ان معاهدي جي ڪري اڄ اسان ان پوزيشن ۾ آهيون جو ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيون. ان وقت جي ڊي پي ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي آئي، ساڳئي سال پاڪستاني رپيو 29 سيڪڙو گهٽجي ويو ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا ايترا گهٽ هئا جو اسان صرف ٻن هفتن لاءِ درآمد ڪري سگهون پيا. نگران حڪومت ۾، هن حڪومت ۾ ناڻي واري وزير جو عهدو سنڀالڻ کان اڳ، منهنجو تعلق خانگي شعبي سان هو ۽ ان وقت مون صاف لفظن ۾ چيو هو ته اسان کي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ گهرجي، اسان وٽ ڪو پلان بي ناهي. هن چيو ته اسان ڊفالٽ ٿيڻ وارا هئاسين پر هن وقت اسان وٽ 2 مهينن جون 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ جون درآمدات آهن، اسان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جو معيار تمام سٺو آهي، جنهن جي مهرباني اسان ايندڙ مالي سال گهڻو ڪجهه پورو ڪري سگهون ٿا. هڪ سٺي ۽ مضبوط نقطي جي شروعات ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته مهانگائي جي شرح 48 سيڪڙو جي بلند ترين شرح تي پهچي وئي هئي پر هاڻي اها مئي ۾ 11.8 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو تمام ضروري آهي، ان جي ڪري بنيادي مهانگائي سان گڏ، خوراڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته گذريل ڏينهن مهانگائي ۾ گهٽتائي جو سبب هو . پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، مانيٽري پاليسي جو ان حوالي سان پنهنجو هڪ نظريو آهي ۽ کين اميد آهي ته ايندڙ مالي سال جي شروعات ۾ اهو 10 سيڪڙو کان به گهٽجي ويندو ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته  پاليسي جي شرح ۾ مرحلي وار گھٽتائي ايندي. هن چيو ته جي ڊي پي جي ڀيٽ ۾ ٽيڪس وڌائڻو آهي، سياحت جي شعبي ۾ سڌارا آڻڻا آهن، ان جي گورننس کي درست ڪرڻو آهي، اخبارن ۾ اسٽريٽجڪ ايس او ايز جي ڳالهه ڪئي وئي آهي پر اهڙو ڪجهه به ناهي. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ ٽيڪس يا انرجي جي حوالي سان جيڪا پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، اسان کي ان تي عمل ڪرڻو پوندو، ايف بي آر ۾ ليڪس کي گهٽايو وڃي، ڪو به مقدس ڳئون ناهي، معيشت جي بهتري لاءِ هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن ملڪ ۾ اسڪول، يونيورسٽيون ۽ اسپتالون ته خيرات سان هلي سگهن ٿيون، پر ملڪ نٿو هلي سگهي، ملڪ رڳو ٽيڪسن سان هلندو، اهو ئي بنيادي اصول آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.