ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي مان ذريعن موجب بجيٽ اجلاس 14 جون جمعي ڏينهن 3 وڳي ٿيندو. ذريعن موجب وڏو وزير مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال جي سنڌ جي بجيٽ پيش ڪندو. ذريعن موجب سنڌ ڪابينا جو اجلاس 14 جون تي صبح 9 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي.